سيوهڻ: عدالتن مان انصاف جي اوسيئڙي ۾ ڪورٽن جا پنڌ ڪندي تانيا جي امڙ وفات ڪئي ته تانيا جي قتل ڪيس جي پيروي ڪرڻ لاءِ سندس ڀيڻ دعا خاصخيلي پاسبان تنظيم جي سھڪار سان سامھون اچي وئي. هي ڪيس پهرين سيشن ڪورٽ ڄامشورو ۾ هلندو رهيو بعد ۾ فرياديءَ جي درخواست تي ڪيس کي سيوهڻ جي عدالت منتقل ڪيو ويو.