اسلام آباد (بيورو رپورٽ) راولپنڊي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ عثمان ڊار جي ضمانت منظور ڪري ورتي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج ملڪ اعجاز آصف، عثمان ڊار جي خلاف 9 مئي جي 12 ڪيسن ۾ ضمانت واري درخواستن جي ٻڌڻي ڪئي. عثمان ڊار پنهنجي وڪيل فيصل ملڪ سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿيو. عدالت گذريل ڏينهن وڪيلن جا دليل ٻڌڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هيو. ڪالهه ٻڌايل فيصلي ۾ عثمان ڊار جي 12 ڪيسن ۾ عدالت ضمانت منظور ڪري ورتي آهي.