ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ پاران پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو  حڪم، ان ڏس ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ جسٽس نعمت الله ڦلپوٽو جي سربراهيءَ ۾ ٻه رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻ عثمان ڊار کي ڪراچي مان حراست بعد گم  ڪرڻ خلاف داخل درخواست جي ٻڌڻي ڪئي، انهي موقعي تي بيرسٽر علي طاهر عدالت کي ٻڌايو ته گذريل ٻڌڻي تي عدالت عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو ھو، اڃا تائين ڪيس داخل ناهي ٿيو، جنهن تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته عثمان ڊار جي گمشدگي جو ڪيس اڃا تائين داخل ڇو ناھي ٿيو؟ موٽ ۾ ايس ايچ او ملير ڪينٽ موقف اختيار ڪيو ته درخواست گذار  ڪيس داخل ڪرڻ لاءِ رابطو ئي ناھي ڪيو، عدالت ايس ايچ او کي هدايت ڪئي ته عثمان ڊار جي گمشدگي جو اڄ ئي ڪيس داخل ڪري 18 آڪٽوبر تائين رپورٽ ڏني وڃي.