عثمان شاهه هڙي(ن پ ا) عمرساند ٿاڻي جي حد ۾ بدامني وڌي وئي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه عمر ساند ٿاڻي قيصر سينھڙو پوليس چوڪي ڀرسان ٽنڊوآدم روڊ جي بس اسٽاپ  ڪنڊي پير وٽ مزدوري سانگي آيل ٿر واسي ڀورو ڀيل جا ٽي نامعلوم ڪار سوار چور  2 ٻڪريون ۽ هڪ رڍ چوري ڪري فرار ٿي ويا، ٻئي طرف قيصر سنهڙو لڳ ڳوٺ غلام قادر بلوچ جي زمين تي رهندڙ هندو ڪولهي ڪڇي برادري جي چندر ڪولهي ۽ هارين جي گهران نامعلوم چورن هٿيارن جي زور تي سمورن گهر ڀاتين کي حراسان ڪري لڳ ڀڳ 2لک ماليت جا سون چاندي. موبائل فون چوري ڪري فرار ٿي ويا علائقي واسين جو چوڻ آهي ته حد جي پوليس ٿاڻي تائين محدود آهي، منشيات جي منٿلي پويان عمرساند ٿاڻي جي حد ۾ وڌندڙ بدآمني سبب اسان راتيون جاڳي گذارڻ تي مجبور آهيون متاثرين آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ايس ايس پي ٽنڊوالهيارکان مطالبو ڪيو آهي ته فوري طور عمرساند ٿي جي حد ۾ وڌندڙ چورين ۽ ڦرن جي واقعن جو نوٽيس وٺي چوري ۾ ملوث  جوابدارن کي گرفتار ڪري ٿيندڙ چوريون واپس ڪرائي پريشاني ختم ڪئي وڃي.