ٽنڊوالهيار/عثمان شاھه ھڙي(رپورٽر+ن پ ا) عثمان شاھه ھڙي ۾ مين روڊ ٽنڊوالهيار -ٽنڊوآدم روڊ ڀرسان ٺھيل گٽر نالو ماڻھن لاءِ موت جو کوھه بڻجي ويو آھي، جڏھن ته شھر عثمان شاھه ھڙي جي مين روڊ ڀرسان ٺھيل گٽر نالي ۾ گاڏيون ڪلٽي ٿين ٿيون ۽ ھزارن کان وٺي لکين رپين جو نقصان پڻ ٿئي ٿو. گٽر نالي ۾ ناقص مٽيريل استعمال ٿيڻ ڪري گٽر نالو ھنڌ ھنڌ کان ٽٽي چڪو آھي پر ضلعي انتظاميه خاموش تماشائي بڻيل آھي، جنھن ڪري آئي ڏينھن گاڏيون ڪلٽي ٿينديون رھن ٿيون. ھتان جي ماڻھن معشوق اوڏ ، لالو بلوچ ، زوھيب ۽ ٻين وس وارن کي اپيل ڪندي چيو آھي ته خدارا ھن موت جي کوھ کي نئين سر تعمير ڪري انساني جانين کي بچايو وڃي نه ته ڪو وڏو واقعو پيش اچي سگھي ٿو.