عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) عثمان شاھ ھڙي ويجھو ڳوٺ نوريو ڀيل جي رهواسڻ ناري غربت سبب ڦاهو کائي آپگهات ڪري ڇڏيو، ڄاڻ موجب ته ناري پاسان زال منگھيو ڀيل وڌندڙ مهانگائي سبب روز چوندي هئي ته  برساتن بعد  کليل آسمان هيٺ سيءَ ۾ رھڻ مشڪل ٿي ويو آهي  ۽ غربت وڌي وئي آهي، ان حوالي سان ناري جي وارثن موجب ته  پاسان ڀيل وڌندڙ مهانگائي ۽ برسات بعد  بي گھر ٿيڻ ڪري خودڪشي ڪري ڇڏي آهي. ٻي طرف پوليس پهچي ناري جو لاش اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.