عثمان شاھ ھڙي (ن پ ا) حيسڪو سب ڊويزن اڏيرولال جي فيڊر قيصر گهوٽ ۽ قيصرسينھڙو جي بجلي صارفين بجلي بندش خلاف احتجاج ڪيو آهي. مظاهرين عثمان شاھ ھڙي ويجهو مين ٽنڊوآدم روڊ جي بس اسٽاپ تي روڪاوٽون بيهاري ٽائرن کي باهيون علائقي متاثر بجلي صارفين جو ٽنڊوالهيار ايڪشن ڪميٽي جي اڳواڻن سينئير صحافي مرزاخان پٺاڻ۔ اشرف خاصخيلي۔ عمر بلوچ۔ لال رحيم پٺاڻ۔ حاجي بلال خاصخيلي جي اڳواڻي حيسڪو اڏيرولال جي عملدارن خلاف احتجاجي مظاهرو ڪيو مظاهرين صحافين کي ٻڌايو ته ٽنڊوآدم جي حيسڪو سب ڊويزن اڏيرولال جي فيڊر قيصرگهوٽ ۽ قيصرسينهڙو بجلي لاء کي 24 ڪلاڪن ۾ صرف 6 ڪلاڪ مشڪل سان بجلي هلي ٿي، جنهن بجلي تي هلندڙ ڪاروبار مڪمل تباه ٿي ويو آهي، بجلي جو بل ادا ڪندي به کين گرمي جي موسم سبب بجلي صارفين کي سخت پريشاني جو منهن ڏسڻو پوي حيسڪو چيف حيدرآباد کي فوري نوٽيس وٺي بجلي چور حيسڪو عملدارن خلاف ڪاروائي ڪري بند بجلي بحال ڪئي وڃي