عثمان شاھ ھڙي(ن پ ا) عثمان شاهه هڙي ۾ سي اين سي ايچ ڊي پاران وڻڪاري مهم شروع ڪئي وئي. سي اين سي ايچ ڊي ٽنڊوالهيار جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ميڊيم راحيلا ميرجت وڻڪاري مھم دوران گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ٺارو خان لغاري ۾ وڻڪاري مھم ۾ شرڪت ڪئي. انھي موقعي تي ڊائريڪٽر راحيلا ميرجت ميڊيا جي نمائندن کي ٻڌايو تہ وڻڪاري جيتري ٿي سگھي اھو وڌيڪ بهتر آھي وڻڪاري سبب گرمي پد ۾ گھٽتائي اچي ٿي ۽ موسم مان گدلاڻ ختم ٿي ويندي آھي اسان سڀني کي پنھنجن علائقن ۾ وڻ ڪاري ڪري پنھنجي موسمي ماحول مان آلودگي ختم ڪرڻ گهرجي.