عثمان شاھ ھڙي: ( ن پ ا ) شھر عثمان شاھ ھڙي ۾ قائم يونين ڪائونسل ڊاسوڙي ۽ يونين ڪائونسل عثمان شاھ ھڙي يونين ڪائونسل ھنڱوراڻي جا سيڪريٽري چئيرمين ۽ ٻيو عملو گم يونين ڪائونسل آفيس پٽيوالن حوالي. تفصيل موجب شھر عثمان شاھ ھڙي ۾ قائم يونين ڪائونسل آفيسن جا سيڪريٽري ۽ چئيرمين گم  ٿي ويا آهن ۽ آفيسون پٽيوالن حوالي ٿيل آهن. ان ڏس ۾ يونين ڪائونسل ڊاسوڙي يونين ڪائونسل عثمان شاھ ھڙي ۽ يونين ڪائونسل ھنڱوراڻي ۾ گند ۽ ڪچري جا ڍير لڳل آهن پر عملو موجود نه آھي جيڪو صفائي سٿرائي ڪرائي. جڏھن ته سالانا بجيٽ ملڻ باوجود ٽنھي يونين ڪائونسلن ۾ ڪوبه ترقياتي ڪم ۽ صفائي سٿرائي جو ڪوبه عمل نه ٿيو . ذريعن موجب يوسي هنڱوراڻي ،يوسي ڊاسوڙي ، يوسي عثمان شاھ ھڙي ۾ آيل سولر لائيٽون ۽ سي سي بلاڪ من پسند ماڻھن کي ڏنا ويا غريب مسڪين ماڻھن کي ڪجهه به نٿو ملي. سالانا بجيٽ مان لکين رپيا ترقياتي ڪمن ۽ صفائي سٿرائي جي لاءِ ڏنا وڃن ٿا پر غريب مسڪين ماڻھن کي ڪنھن به قسم جي ڪابه سھولت نٿي ڏني وڃي. ٻي طرف شھر عثمان شاھ ھڙي گندگي جو ڍير بڻيل هجڻ ڪري مڇرن جو آزار وڌي ويو آهي.   يونين ڪائونسل ڊاسوڙي، عثمان شاهه هڙي، هڱوراڻي سميت سمورين يوسين ۾ مڇر مار اسپري به نه ٿيو جنھن ڪري مليريا ۽ مختلف وبائون پکڙجڻ لڳيون ڪجھ ڏينھن اڳ يوسي هنڱوراڻي جي ڳوٺ فوٽو مھڪاڻي ۽ ڳوٺ انب ميرجت جي رھواسين غفور ميرجت ۽ عبدالرحمان پريس ڪلب عثمان شاھ ھڙي پھچي صحافين آڏو يوسي هنڱوراڻي جي چئيرمين خلاف دانهيندي چيو ته ترقياتي ڪمن جي لاءِ سالانا بجيٽ هڙپ ڪري ڪوڙا دلاسا ڏنا ٿا وڃن پر يوسي ۾ ڪنھن به قسم جو ڪوبه ترقياتي ڪم ۽ صفائي سٿرائي نٿي ڪرائي وڃي اسان وس وارن کي اپيل ٿا ڪيون يونين ڪائونسل آفيسن ۾ عملي کي پابند بڻائي ترقياتي ڪم ۽ صفائي سٿرائي ڪرائي عوام جا جائز مسئلا حل ڪرايا وڃن.