عثمان شاهه ھڙي ( ن پ ا) ضلع ٽنڊوالهيار تعلقي جهنڊومري جي يونين ڪائونسل ٽنڊوسومرو جي قديمي لاوارث ڳوٺ دولت ميرجت جي پرائمري اسڪول جي عمارت زبون ۽ استاد مقرر نه ٿيڻ خلاف ڳوٺاڻن احتجاجي مظاهرو ڪيو، انهي موقعي تي قاسم ميرجت، يوسف ميرجت، آچر، گل محمد پٺاڻ ۽ ٻين ميڊيا اڳيان دانهيندي چيو ته اسڪول جي عمارت مڪمل طور زبون ٿي چڪي آھي ۽ ڇت جا چاپڙ ڪرڻ روز جو معمول ٿي چڪو آھي، ڳوٺ جو واحد پرائمري اسڪول آھي، جتي ٻارڙا تعليم حاصل ڪن ٿا، اسڪول زبون ٿيڻ ۽ استاد مقرر نه ٿيڻ بابت تعليم کاتي ٽنڊوالهيار کي پڻ شڪايتون ڏنيون پر ڪير ٻڌڻ وارو ناهي، هنن تعليم کاتي جي اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسڪول جي ٻيهر مرمت ۽ استاد مقرر ڪيو وڃي جيئن ڳوٺ دولت ميرجت جا ٻارڙا تعليم حاصل ڪري اڳيان نڪري سگهن.