عثمان شاھه ھڙي(ن پ ا) عثمان شاھه ھڙي سميت يوسي ڊاسوڙي، هنگوراڻي، ٽنڊوسومرو شاهپوررضوي جي سمورن ڳوٺن ۾ پيئڻ جو پاڻي مڪمل خراب ٿيل آهي، جنهن ڪري جي جر جي پاڻي جو ٽي ڊي ايس 15 سؤ کان مٿي تائين پهچي وڃڻ ڪري پيئڻ جو مٺو پاڻي رهواسين لاءِ مٺو زهر ٻڻجي ويو آهي. علائقي جي ڪيترن ڳوٺن ۾ آر او پلانٽ انتظاميا جي مجرمانه غفلت سبب ڪافي عرصي کان خراب پيل آهن، جنهن سبب مجبور رهواسي زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن علائقي واسين پاران جر جو زهريلوپاڻي واپرائڻ سبب ڪيترائي ماڻهو جن ۾ عورتون، مرد، نوجوان جگر، بلڊ پريشر، گردن جي فيل ٿيڻ ۽ ڪينسرجي خطرناڪ. بيمارين مبتلا ٿي ويا آهن، ڪيترائي ماڻهو انهن بيمارين سبب موت جو شڪار ٿي ويا آهن. جڏهن ته لکين رپين جي لاڳت آر او پلانٽ اسپتال م لڳرايو انتظاميا جي مجرمانه غفلت سبب آر او پلانٽ جا موٽر ڪافي عرصي کان خراب آهن . شهري جر جو زهريلو پاڻي پيئڻ تي مجبور آهن. علائقي واسين ڊپٽي ڪمشينر ٽنڊوالهيار کان مطالبو ڪيو ته هن معاملي جو نوٽيس وٺي آر او پلانٽ جا خراب موٽر درست ڪرايو وڃي.