عثمان بزدار به سياست کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

0
356
عثمان بزدار به سياست کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو
عثمان بزدار به سياست کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو

لاهور (پنهنجي ڊيسڪ) پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير عثمان بزدار  به سياست تان هٿ کڻي ڇڏيو، پريس ڪانفرنس دوران هن 9مئي واقعن جي مذمت ڪئي

پنجاب جي اڳواڻي وڏي وزير عثمان بزدار چيو ته 9مئي جي واقعن جي مذمت ڪريان ٿو، سياست کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪريان ٿو

عثمان بزدار چيو ته 9مئي واقعي بعد جيڪي گرفتار ٿيل آهن انهن کي آزاد ڪيو وڃي، عمران خان پاران عثمان بزدار کي وسيم اڪرم پلس جو لقب ڏنو ويو هو پر هو سياست مان مائنس ٿي ويو آهي

هن چيو ته مون نيڪ نيتي سان صوبي جي عوام جي خدمت ڪئي آهي، 14 مهينن کان مختلف عدالتن کي منهن ڏيندو رهيس