
واشنگٽن / تل ابيب (م ڊ) اڳوڻي ايراني ولي عهد رضا پهلوي ايران ۾ رجيم جي تبديلي کانپوءِ جو منصوبو بيان ڪري ڇڏيو، رضا پهلوي جو چوڻ آهي ته ايران فيصلائتي مرحلي ۾ داخل ٿي چڪو آهي، ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي ڪنٽرول وڃائي ڇڏيو ، موجوده حڪومتي نظام جو خاتمو ويجهو آهي. ايران جي اڳوڻي بادشاهه محمد رضا پهلوي جي پٽ رضا پهلوي پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته آيت الله خامنه اي کانپوءِ 100 ڏينهن جي عبوري حڪومت ٺاهي ويندي، سماجي رابطي جي پليٽ فارم ٽوئٽر تي جاري بيان ۾ رضا پهلوي چيو ته ايراني عوام فڪرمند نه ٿئي، اسان وٽ ايران جي مستقبل جو منصوبو موجود آهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان 100 ڏينهن عبوري حڪومت ۽ ان کانپوءِ قومي جمهوري حڪومت لاءِ تياري ڪري ڇڏي آهي. هن فوج ۽ قانو لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن کي چيو ته هو هڪ اهڙي حڪومت لاءِ عوام جي مخالفت ۾ نه بيهو جنهن جو وقت پورو ٿيڻ وارو آهي. ايران- اسرائيل تڪرار دوران ايران جي اڳوڻي ولي عهد جون سرگرميون اوچتو سوشل ميڊيا تي سامهون آيون آهن. هڪ وڊيو ۾ رضا پهلوي والاريل بيت المقدس جي دوري تي نظر آيو جتي هو يهودين جي مقدس هنڌ ديوار گريه تي به ويو.