آريسر جي شروعاتي سياست جيئڻ لاءِ انسپائيريشن هئي ۽ زندگي جو آخري ڏهاڪو ٽريجڊي سان ڀرپور هو. پيش امام کان قومپرست اڳواڻ تائين هن جي جيون سفر جي ڪهاڻي نه رومانوي آهي، ۽ نه ئي ديو مالائي. آريسر پڙهيو ته مدرسن ۾ هو، پر هو ساري حياتي سيڪيولر ۽ ترقي پسند انسان دوست رهيو. هن جي زندگي ۾ حقيقت جو هڳاءُ هو. هو تحرير ۽ تقرير ۾ ريشنل ۽ مدلل هو ته ڪٿي ڪٿي گهڻي رومانوي اظهار سبب غير عقلي به هو. انسانيت جي عظمت سندن وڙ ۾ عيان هئي. سادگي ۽ سچائي جي انوکي روپ ۾ آريسر حقيقت سان خوب نڀايو. سندن پورهيو پيار آهي، ته اُتساهه به آهي. هن جي وجود ۾ ڏاهپ ۽ سهپ جو سنگم هو، جو هو پُرتشد سياست جو حامي نه هو. امن جي دامن کي دل سان لائي اڳتي وڌندو رهيو. دليل ۽ دانائي جي واٽ تي هن جا ٻول ۽ قول اهو ثابت ڪندا رهيا ته اڙانگن رستن تي راهي ٿي به مظلوم عوام جي رهنمائي ڪري سگهجي ٿي.
هن ڪٿي تقرير ۾ چيو هو ته: ‘سوشلزم اهو ڳڀ آهي جنهن جو ذائقو اڃا دنيا جي محڪوم قومن چکيو ئي ناهي.’ هو پنهنجي ڪتاب ‘چانڊوڪيون ۽ چيٽ’ ۾ لکي ٿو: ‘آئون مارڪسوادي آهيان. انهيءَ پوڙهي جرمن جي چرنن ۾ پنهنجو سيس ٿو نمايان، جنهن نظرياتي طرح محنت کي سرمايي کان وڌيڪ با عزت ۽ با وقار سڏي انساني تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مسڪين ۽ پورهيت کي اهو سيکاريو ته هي ڪائنات جي خوبصورتي ۽ ان ۾ شين جي هي جوڙجڪ تنهنجن ئي هٿن ۽ ذهنن جو ڪارنامو آهي. ان ڪري هن دنيا تي حڪومت ڪرڻ تنهنجو ئي حق آهي، ڇو ته تون گهڻائي ۾ آهين.’
هن جديد دور ۾ هڪ قومي تحريڪ جو جاگيردار، سرمائيدار ۽ سامراج مخالف هئڻ سان گڏ سيڪيولر هجڻ به ضروري آهي. اهي سڀ ڳالهيون آريسر جي ائپروچ ۽ عمل ۾ هيون. سندس اهڙي دانشورانه سنجيدگي سندس تحرير ۽ تقرير ۾ واضح هئي. قومي تحريڪ جاگيردار، سرمائيدار ۽ سامراج مخالف ۽ سيڪيولر هجڻ گهرجي، جيڪڏهن اهي خوبيون ڪنهن سياسي تحريڪ ۾ ناهن ته انهي تحريڪ جو عوامي انقلابي ڪارج باقي نٿو رهي. آريسر جي خوبي اها هئي ته هو ان ڳالھ ۾ نه صرف واضح هو، پر عملي طور تي جدوجهد جي محاذ تي انهن نقطن تي عمل پيرا به هو. حقيقت ۾ هو جاگيردار سماج جي رجعت پسند روايتن کان بغاوت ڪري سياست کي عام ماڻهو وٽ کڻي ويو ۽ عام فهم پيدا ڪري ويو. جيڪڏهن ڪنهن تحريڪ يا فرد جا پنڌ ۽ پيچرا ڪنهن پير جي درگاھ تي کٽن يا ڪنهن جاگيردار جي اوطاق تي ڇيھ ڪن، ته پوءِ اها تحريڪ هجي يا فرد، ائين ختم ٿي ويندو آهي جيئن روهيڙي جا رتا گُل ڪجھ وقت کان پوءِ ڇڻي ويندا آهن.
اسان جي سماج ۾ سياست جي نالي ڪاروبار ڪندڙ فرد اوچي ڳاٽ سان ڪن ٿا. هڪ اهڙي سياست جتي سڀ ڪجھ مايا آهي، ضمير نالي ڪا شيءَ ناهي. آريسر غُربت ۾ پيدا ٿيو ۽ غربت ۾ گُذاري ويو. هن ثابت ڪيو معاشي طور تي غريب ماڻهو پير، مير ۽ سرمايه دار کان سُٺي ۽ سگهاري سياست ڪري سگهي ٿو.
آريسر روزمرهه جي زندگي ۾ به سادو ۽ سٻاجهو هو. هٺ، وڏائي، ۽ غرور نه هو. سادگي سندن سونهن هئي. عوام منجهه، عوام جهڙو ٿي رهڻ ۽ قيادت ڪرڻ آريسر جي ئي وڙ ۾ هو. اهو ئي سبب هو جو هو سياست کي پريس ڪانفرنسز، پريس رليز ۽ ڊرائنگ رومز مان ٻاهر ڪڍي عام ڳوٺاڻي ماڻهو تائين کڻي ويو. عبدالواحد آريسر مختلف سياسي تضادن ۾ وڇوٽيون ۽ ويڇا ختم ڪري، سٺي سوچ ۽ هم آهنگي جهڙن رُجحانن کي هٿي ڏني ته رنجشن ۽ دُورين جي دامن کي پڪڙڻ بجاءِ جدوجهد لاءِ جاندار حل ڳولي گڏجڻ ۽ گونجڻ جي سُرن ورکا ڪئي. دانش ۽ دل وارو هي ماڻهو عوامي ئي رهيو.
پنهنجي ديس ۽ ماڻهن سان محبت آريسر جي هر ڳالهه ۽ ليک ۾ واضح جهلڪي ٿي. ڌرتي ۽ ماڻهن سان عشق جو اهڙو اظهار هو هر وقت ۽ هر موڙ تي ڪندو رهيو. آريسر جي سوچ جي سياست هتي ممنوع عشق جيان رهي آهي، هن سان ڪنهن جا نظرياتي اختلاف ٿي سگهن ٿا، پر سندس سچائي حق گوئي سان اختلاف ڪونهي.
آريسر صاحب جي اهم خوبي تقرير جو فن هو. جڏهن آريسر ڳالهائڻ شروع ڪندو هو ٻڌندڙ کين تڪيندا ئي رهجي ويندا هئا. پنهنجي لب و لهجي، انداز ۽ لفظن جي سٽاءُ سان هو ماڻهو موهي ڇڏيندو هو ۽ ماحول ۾ ماڪ وسي پوندي هئي. هو گفتار جي چاشني ۾ مدلل ۽ منطقي هو. اها گفتار عام رواجي ۽ سطحي نه هئي، بلڪه هو تاريخي ۽ سياسي شعور جي ڦهلاءُ سان ٻڌندڙن کي معنيٰ خيز مواد فراهم ڪندو هو. ۽ اهڙي ئي ان جي تحرير جي خوبي هئي، جو هن جڏهن به ۽ جنهن به اشو يا موضوع تي قلم کنيو، اهو قلم انسپائريشن ۽ سجاڳي جو سبب بڻيو.
آريسر جو هڪ ٻيو اهم ڪم ادبي آهي. سندس ڪافي لکڻيون ۽ تقريرون ادب، خاص ڪري شاعري تي آهن. هن لطيف جي شاعري جي تشريح هن دور جي حالتن مطابق ڪئي آهي. جڏهن هو ڀٽائي تي لکي ۽ ڳالهائي ٿو ته هو ڀٽائي جو بهترين شارح لڳي ٿو. ڏسجي ته لطيف جي رچنا جدوجهد ۽ جاکوڙ سان پُر ٿيل آهي. لطيف پنهنجي فڪر ۾ مظلوم ماڻهو پاسي بيٺل آهي. هو غاصب ۽ ڦورو قوتن جي خلاف شاعرانه سگهه سان اٽڪي ٿو. ڀٽائي متعلق آريسر جي راءِ جذباتي تبصري جي بجاءِ تحقيق ۽ عقل جي ڪسوٽي تي مبني آهي. هو ڀٽائي جي شاعري جو جائزو تاريخي ۽ تنقيدي شعور سان ڪري ٿو. ان ڏس ۾ سندس ڪتاب ‘وريا واهرو’ پڙهڻ جهڙو آهي، جنهن ۾ آريسر ڀٽائي جي فڪر تي نئين رخ کان نظر رکي ٿو.
عبدالواحد آريسر شاھ لطيف جي شاعري کانسواءِ شيخ اياز جي شاعري جو مداح هو. هو اڪثر تقريرن جي شروعات اياز جي شاعري پڙهي ڪندو هو:
تون جو مون کان پوءِ اچين،
ڪينجھر کان ڪارونجھر تائين منهنجا گيت ٻُڌين،
مون کي ياد ڪرين!
سنڌڙي ڳاڙهو کهنبو ٿي ويندي تيسين،
۽ جي اُن تي منهنجي ڦلڙيون ڦلڙيون ڏات ڏسين،
شال اهو سمجھين!
آريسر جون لکڻيون سنڌي سماج جي رجعت پسندانه قدرن خلاف زبردست احتجاج آهن. سائين جي ايم سيد سنڌ جو بنيادي تعارف پيش ڪري سنڌين کي هڪ قوم بڻايو. هو سنڌ جي تاريخ جو وڏو ماڻهو هو، ڇو ته هو واحد باغي نظريه دان هو. آريسر سائين جي ايم سيد کان پوءِ سنڌ جي تاريخ کي جديد ۽ قومي ائپروچ ۾ لکيو آهي. ھو لکي ٿو ته: “موجوده تاريخ محلاتن، محل سرائن، قلعن ۽ حويلين مان نڪري، مزدور جي پگھر، ڳوٺاڻي جي جھوپڙي، ھاري جي ھر ۽ مظلوم جي آھ کي پنهنجي گھيري ۾ وٺي موضوع بڻائي چڪي آھي. تاريخ کي صرف بادشاهن، شھزادن، راڻين وزيرن، اميرن، لشڪرن، گھوڙن، ۽ ھاٿين جي لڙاين جھڳڙن تائين محدود رکڻ ۽ انهن جي چوڌاري ڦيرائڻ وارو وقت ختم ٿي ويو آھي”.
عبدالواحد سياسي طور تي سائين جي ايم سيد سان گڏ خاص طور تي مولانا ابوالڪلام آزاد، مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو ۽ حيدر بخش جتوئي کان متاثر هو. عالمي ادب ۽ سياست به پڙهندو هو. فرانز فينن جو ڪتاب The Wretched of the Earth کي “مٽي هاڻا ماڻهو” جي نالي سان ترجمو ڪيو. مارڪسزم جي تناظر ۾ پوسٽ ڪالونيل اڀياس ۾ فينن ڪمال جو لکيو آهي. ڪافي اهڙا تاريخي مونجهارا موجود هئا، جيڪي آريسر جي قلم سان واضح ٿيا. هن سياسي، سماجي، تاريخي ۽ ثقافتي مونجهارن تي لکيو آهي ته قومي سوال جو بهترين تجزيو به پيش ڪيو آهي. آريسر ادب، تاريخ ۽ فلسفي جو سٺو مطالعو رکندڙ هو، اهو ئي سبب هو جو هن تجزياتي راءِ ۾ عقل ۽ دورانديشي هئي. ڏسجي ته ڪنهن به انسان جي زندگي خوبين جي کاڻ ناهي هوندي، آريسر به انسان هو، کانئس به خطائون ٿيون آهن.
عبدالواحد آريسر تاريخ جي دل ۾ زندھ آهي. اهڙا ميگهه ملهار ماڻهو مرندا نه آهي، بلڪه انهن جي زندگيءَ مرڻ پڄاڻا شروع ٿيندي آهي:
دوش در حلقئه ما قصه گيسوئه توبود،
تا دلِ شب سُخن از سلسلئه روئه توبود (حافظ)
(ڪالھ رات اسان جي رهاڻ ۾ تنهنجي چڳن جي ڳالھ هئي، رات جي دل تائين تنهنجي چهري جي ڳالھ هئي).
oad.ram@gmail.com