ڀان سيدآباد (ن پ ا) اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاهه کي وڇڙندي 14 سال گذري ويا، 14هين ورسي سادگي سان ملهائي وئي. وڏي وزير مراد علي شاهه پاران مزار تي حاضري ڀري وئي. ان ڏس ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير سيد عبدالله شاه جي 14هين ورسي ڪالهه واهڙ ۾ سادگي سان ملهائي وئي، سيد عبدالله شاهه جي 14هين ورسي جي موقعي تي هر سال ٿيندڙ جلسو ڪورونا وائرس سبب ملتوي ڪيو ويو،سيد عبدالله شاهه جي 14هين ورسي جي موقعي تي سندس رهائشگاهه تي قرآن خواني جو اهتمام ڪيو ويو، جنهن بعد لنگر ورهايو ويو، وڏي وزير سيد مرادعلي شاهه پاران پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي ورسي تقريب ۾ شرڪت ڪئي وئي، وڏو وزير سيد مراد علي شاهه مختصر دوري تي واهڙ پهتو جتي هن پنهنجي والد سيد عبدالله شاهه جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي دعا گهري، بعد ۾ وڏو وزير واپس ڪراچي روانو ٿي ويو، سيد عبدالله شاهه جي ورسي تقريب ۾ محمد سليم باجاري، محمد صديق ميمڻ، امان الله شاهاڻي، شمن راهپوٽو، مخدوم ضمير حسين، سميت وڏي انگ ۾ علائقي جي عوام ۽ پ پ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.