حيدرآباد (رپورٽ: منير راڄڙ) سنڌ جي 10 کان وڌيڪ ضلعن ۾ پينشن، ايل پي آر، زراعت، سروس بُڪن جي تصديق ۽ پي ڊبليو ڊي جي بلن ۾ 100 ارب رپين کان وڌيڪ ٿيل ڪرپشن بابت ”پنهنجي اخبار“ پاران شايع ڪيل خبرن کانپوءِ ڪرپشن ۾ ملوث اهلڪارن خلاف ناڻي کاتي پاران ڪارروايون تيز ڪيون ويون آهن. ڪالهه وڌيڪ 8 اڪائونٽ آفيسرن کي ناڻي کاتي ۾ رپورٽ ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا ويا آهن جنهن ۾ سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير جي پي ايس او جو سئوٽ عبدالله باجاري به شامل آهي. رپورٽ ڪرايلن ۾ 17هين گريڊ جي حيدرآباد سان تعلق رکندڙ ڪمپيوٽر پروگرامر عامر قائمخاني، ڊي اي او مٽياري ۽ حيدرآباد رضا محمد عباسي عرف مخدوم ڪليم، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ جانڪ راجا، 17هين گريڊ جي جيڪب آباد جي اڪائونٽنٽ وسيم الله ڀٽو، ٺٽي ۽ ٽنڊوالهيار ضلعن جو ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر عبدالله باجاري، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ٽنڊوالهيار گلشير لاشاري، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر ٺٽو افضل حسين چانڊيو، ڊسٽرڪٽ اڪائونٽ آفيسر مٺي ۽ بدين احسان علي راهوجو شامل آهن. ذريعن موجب ڪرپشن ۾ ملوث سينئر آڊيٽر، آڊيٽر، سب اڪائونٽنٽس ۽ اسسٽنٽ اڪائونٽنٽس کي به بدلي ڪرڻ لاءِ ناڻو کاتو لسٽون ٺاهي رهيو آهي جن تي جلد عمل شروع ٿي ويندو. ذريعن کان مليل وڌيڪ ڄاڻ موجب ڏيڍ مهيني کان ڪنٽرولر جنرل اڪائونٽس ۽ ناڻي کاتي پاران هلندڙ گڏيل جاچ جنهن ۾ شروعاتي طور ڪرپشن جو ڪاٿو 2 ارب رپيا لڳايو ويو هو پر جاچ شروع ٿيڻ کانپوءِ اهو ڪاٿو 100 ارب رپين تائين پهچڻ جو امڪان پيدا ٿي ويو آهي.