حيدرآباد: ذريعن جو چوڻ آهي ته مقتولا جو مڙس اڳ ۾ شادي شده آهي جيڪو هڪ ڏينهن اڳ زال کي پرچائڻ لاءِ ساهرن جي گهر آيو هو جتان هو پنهنجي اڳين گهرواري جي ڌيءُ کي پاڻ سان گڏ وٺي ويو هو. ٻڌايو پيو وڃي ته قاسم آباد واسي افتخار چانڊيو جي به پهرين زال فوت ٿي وئي آهي جنهن بعد هن ٻي شادي ڪئي هئي.