جيڪب آباد(رپورٽر) جيڪب آباد جي سينيئر صحافي عبدالرزاق کرل جي نائين ورسي ڊسٽرڪٽ يونين آف جرنلسٽ پريس ڪلب ۾ ملهائي وئي، تقريب ۾ پير آف شاهپور سيد منصور علي شاهه، انتظار حسين ڇلگري، ڊاڪٽر اي جي انصاري، احمد علي بروهي، محمد عالم کوسو، عبدالجبار لاشاري، عبدالحئي سومرو، ديدار بلوچ، محمد نواز سولنگي، عبدالرحمٰن آفريدي، اظهر گل سرڪي، بابو غلام حيدر مگسي، مڪيش ڪمار روپيتا، صحافي زاهد علي کرل، مير حسن گولو، اسد مغل، برڪت کوکر، عبدالغني کوسو سميت ٻين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مقررين خطاب ڪندي سينيئر صحافي عبدالرزاق کرل جي صحافتي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪندي چيو ته عبدالرزاق کرل هميشه مظلومن جو ساٿ ڏنو، ان پنهنجي قلم سان مظلومن جو آواز اعليٰ ايوانن تائين پهچايو آهي، پرنٽ ميڊيا ۾ عبدالرزاق کرل جي آواز اٿارڻ سبب ايوانن ۾ ويٺلن نوٽيس پڻ ورتا آهن، هنن چيو ته عبدالرزاق کرل لالچ ۽ لاڀ کان هٽي ڪري صحافت ڪئي آهي.