ڪراچي(اسپورٽس نيوز) اڳوڻو ڪرڪيٽ باسط علي بنگلاديش خلاف پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي اسڪواڊ مان سفيان مقيم ۽ عباس آفريدي کي ڊراپ ڪرڻ تي ڪاوڙجي پيو. نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي باسط علي چيو ته نٿو چاهان وات مان ڪو اهڙو لفظ نڪري جيڪو سليڪٽرن کي بُرو لڳي پر عباس آفريدي ۽ سفيان مقيم کي ڊراپ ڪري وڏي زيادتي ڪئي وئي. واضح رهي ته بنگلاديش خلاف 3 ميچن تي ٻڌل ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ پاڪستاني اسڪواڊ ۾ آغا سلمان (ڪپتان)، شاداب خان (نائب ڪپتان)، فخر زمان، صائم ايوب، ابرار احمد، فهيم اشرف، حارث رئوف، حسن علي، حسن نواز، حسين طلعت، خوشدل شاهه، عرفان نيازي، محمد حارث، وسيم جونيئر، صاحبزادا فرحان ۽ نسيم شاهه شامل آهن.