عام چونڊون 28 جنوري تي ڪرائڻ جو فيصلو، اليڪشن ڪميشن جون تياريون شروع، 48 ڪلاڪن اندر قطعي تاريخ ملڻ جو امڪان

0
64
عام چونڊون 28 جنوري تي ڪرائڻ جو فيصلو
عام چونڊون 28 جنوري تي ڪرائڻ جو فيصلو، اليڪشن ڪميشن جون تياريون شروع، 48 ڪلاڪن اندر قطعي تاريخ ملڻ جو امڪان

اسلام آباد(بيورو رپورٽ/ م ڊ) سڄي ملڪ ۾ عام 28 جنوري 2024ع تي ٿينديون، نيٺ قطعي تاريخ به سامهون اچي وئي، اليڪشن ڪميشن تياريون شروع ڪري ڇڏيون

نگران حڪومت به ڄاڻايل تاريخ تي چونڊون ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، اليڪشن ڪميشن ٻن ڏينهن اندر لکت ۾ لکي سپريم ڪورٽ کي آگاهي ڏئي ڇڏيندي. تڪبندين تي اعتراض جمع ڪرائڻ جو ڏهاڙو به ڪالهه ختم ٿي ويو

انتهائي باخبر ذريعن موجب سڄي ملڪ ۾ عام چونڊن لاءِ پولنگ جي تاريخ سامهون اچي وئي آهي ۽ امڪاني طور تي جنرل اليڪشن 28 جنوري 2024 آچر تي ٿيندي

ذريعن موجب اليڪشن ڪميشن سپريم ڪورٽ کي ٻن ڏينهن بعد تحريري طور تي آگاهه ڪندي، هوڏانهن اليڪشن ڪميشن چونڊن جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن. هوڏانهن شروعاتي تڪبندين تي اليڪشن ڪميشن ۾ اعتراض جمع ڪرائڻ جو ڪالهه آخري ڏينهن هو، جنهن سبب اليڪشن ڪميشن اعتراض جمع ڪرائڻ جو وقت 8 ڪلاڪ وڌايو. اعتراض ڪالهه رات 12 وڳي تائين جمع ڪرايا ويا

اليڪشن ڪميشن اعتراضن تي ٻڌڻي اڄ  28 آڪٽوبر کان 26 نومبر تائين اُڪلائيندي، تڪ بندين جي قطعي اشاعت 30 نومبر تي ٿيندي، اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ هدايت ناما به جاري ڪيا ويا آهن. هوڏانهن اليڪشن ڪميشن تڪ بندين تي اعتراضن جي لاءِ بئنچ مقرري ڪري ڇڏيا، تڪ بندين تي اعتراضن تي پهرين بينچ پهرين نومبر تي اسلام آباد،  شڪارپور، جيڪب آباد، ڪشمور، خضدار، سيالڪوٽ، راجنپور ضلعن جي تڪبندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندو. پهرين نومبر تي ئي ٻئين بئنچ ڪرم، خيبر، اٽڪ، جهلم، ننڪانه صاحب، ڪوهاٽ ۽ ڪورنگي جي ضلعن جي تڪ بندين تي اعتراض بڌندو. 2 نومبر تي بينچ هڪ ملير، سانگهڙ، سوات، هري پور، چڪوال ۽ پشين جي ضلعن جي تڪبندين جي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندي، جڏهن ته بينچ ٻه 2 نومبر تي ئي مردان، ڪراچي ايسٽ، موسي خيل، لوڌران، نوشهروروفيرز، لس بيلا، ايوارن ۽ حب ضلعن جي تڪ بندين تي اعتراضن جي ٻڌڻي ڪندي.