اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قانون واري نگران وفاقي وزير احمد عرفان اسلم پنجاب صوبي جي قانون جي وزير ڪنور دلشاد، سنڌ جي قانون واري وزير محمد عمر سومرو، خيبر پختونخوا جي قانون واري وزير ارشد حسين شاهه ۽ بلوچستان جي قانون واري وزير امان الله ڪنراڻي سان ميٽنگ ڪئي جنهن ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت معاملن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي، پڌرائي مطابق ملاقات دوران سڀني قانون جي وزيرن جمهوريت جي اصولن کي برقرار رکڻ ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ کي يقيني بڻائڻ جي اهميت تي زور ڏنو، ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ويو ته آئين کي مجموعي طور تي پڙهڻ گهرجي ۽ آيئن جي ڪنهن به شق کي ٻين لاڳاپيل شقن کان الڳ ڪري نه پڙهڻ گهرجي، آئين مطابق عام چونڊون ڪرائڻ ۽ چونڊن جي تاريخ جو اعلان اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جو واحد اختيار آهي،  صوبائي قانون وارن وزيرن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وفاق کي مضبوط بنائڻ، صوبن جي وچ ۾ هم آهنگي کي يقيني بنائڻ ۽ مختلف چونڊن جي تاريخن تي سيڪيورٽي انتظامن سبب قومي خزاني تي پوندڙ غير ضروري مالي بار کان بچڻ لاءِ قومي توڙي چئني صوبائي اسيمبلين جون عام چونڊون هڪ ئي ڏينهن ٿيڻ گهرجن، اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان هڪ آزد آئيني ادارو آهي، رياست جي تمام ادارن جي ذميواري آهي ته اهي اليڪشن ڪميشن جي خودمختياري ۽ تڪبندين جي حد بندي ۽ چونڊ شيڊول مقرر ڪرڻ ۾ ان جي اختيار جو احترام ڪن، بحث ۾ جمهوري طرز حڪمراني جي اصولن جي پاسداري ڪندي پاڪستان ۾ آزاداڻين، منصفاڻين ۽ شفاف چونڊن کي يقيني بنائڻ جي حڪومتي عزم کي اجاگر ڪيو ويو، وفاقي ۽ صوبائي حڪومتون جمهوري ۽ جامع چونڊ ماحول کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهن.