حيدرآباد(بيورو رپورٽ) نامياري وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه دوران چيو ته عام چونڊون ايندڙ سال 8 فيبروري تي ئي ٿينديون ۽ هو پاڻ سپريم ڪورٽ ۾ موجود هو جتي چيف اليڪشن ڪمشنر پاران صدر پاڪستان جي صحيح سان منٽس جمع ڪرايا ويا هئا جنهن بعد سپريم ڪورٽ اليڪشن ڪميشن ۽ نگران سرڪار کي پابند بڻايو آهي ته چونڊون وقت تي ڪرايون وڃن ان ڪري کيس اميد آهي ته اليڪشن مقرر وقت تي ٿيندي ۽ جيڪڏهن ائين نه ٿيو ته اها وڏي توهين عدالت ٿيندي.