ڪراچي/ لاهور / اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ)ملڪ ۾ عام چونڊن کان اڳ  ملڪي سياست ۾ آمريڪا ۽ برطانيا جي انٽري ٿي وئي آهي، گذريل ڏين آمريڪا ۽ برطانيا جي سفيرن ملڪ جي اڳوڻن سربراهن ۽ ناميارن سياستدانن سان ملاقاتون ڪيون آهن. ان ڏس ۾  پاڪستان ۾ مقرر آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ڪالهه جاتي امرا پهچي اڳوڻي وزيراعظم ۽ مسلم ليگ نواز جي قائد ميان نواز شريف سان ملاقات ڪئي. ذريعن موجب ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ملڪ ۾ ٿيندڙ عام چونڊن جي حوالي سان ڳالهه ٻول ٿي. اڳوڻي وزيراعظم ميان نواز شريف آمريڪا ۽ پاڪستان جي بهتر لاڳاپن تي زور ڏنو.  مسلم ليگ نون طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، ملاقات ۾ گڏيل سهڪار ۽ ٻه طرفن معاملن تي ڳالهه ٻول ٿي. پڌرائي موجب، ملاقات دوران پاڪستان جي سياسي، معاشي صورتحال بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، نواز شريف ان اعتماد جو اظهار ڪيو ته عوام ايندڙ چونڊن ۾ هڪ ڀيرو وري نون ليگ کي ووٽ ڏيندو. پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ واپار، معيشت، موسمياتي تبديلين ۽ علائقائي سلامتي ۽ استحڪام تي ڳالهه ٻول ٿي، نواز شريف ملاقات ۾ اسرائيلي فوج هٿان بيگناهه فلسطينن جي قتل عام وارو معاملو اُٿاريو، نواز شريف فوري جنگ بندي ۽ انساني طبي امداد جي فراهمي جي ضرورت تي زور ڏنو. آمريڪي سفير  نواز شريف سان آمريڪي ترجيحن تي ڳالهه ٻول ڪئي ۽ ملاقات کليل  انداز ۽ خوشگوار موڊ ۾ ڪرڻ تي سندس ٿورا پڻ مڃيا. ملاقات ۾ نواز شريف اعتماد جو اظهار ڪيو ته اڄ ملڪ کي درپيش لاتعداد مسئلن ۽ بحرانن کان ڪڍڻ ۾ پاڪستان جي عوام هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي قائدانه ڪردار تي پنهنجو ڀرپور اعتماد ڪندي. نواز شريف مطالبو ڪيو ته فوري طور تي ويڙهه ۽ قتل عام بند ڪئي وڃي ۽ متاثر ماڻهن کي فوري طبي ۽ انساني امداد فراهم ڪئي وڃي.  ان کان پوءِ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملتان ۾ سياسي شخصيتن سان ملاقاتون ڪيون آهن، جن ۾ آزاداڻي، منصفاڻي چونڊن جي اهميت، پاڪسان جي تجارتي ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن جي مضبوطي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم ملتان ۾ اڳوڻي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني جي ميزباني ۾ ڪوٺايل اجلاس ۾ مختلف سياسي جماعتن جي نمائندن سان ملاقات ڪئي. اجلاس ۾ ڏکڻ پنجاب جي مختلف سياسي جماعتن جي نمائندن سفير سان ملاقات ڪئي. پنجاب جي اڳوڻي گورنر ملڪ محمد رفيق رجوانا، اڳوڻي وڏي وزير دوست محمد خان کوسا، سينيٽر راڻا محمود الحسن، اياز خان نيازي، اڳوڻي ايم اين اي مينا لغاري، خالد خان خاڪواني، اڳوڻي ايم اين اي نتاشا دولتانا، شهناز سليم، اڳوڻي ايم پي اي احمد مجتبيٰ گيلاني، اڳوڻي ايم اين اي عبدالقادر گيلاني ۽ اڳوڻي صوبائي وزير علي حيدر گيلاني وفد جو استقبال ڪيو . يوسف رضا گيلاني اليڪشن 2024ع ۾ ڏکڻ پنجاب جي سياسي منظر ناي بابت تفصيلي ڳالهه ٻول ڪئي. بعد ۾ آمريڪي سفير ڊونلڊ بلوم استحڪام پاڪستان پارٽي جي پيٽرن انچيف جهانگير ترين سان پڻ سندس رهائشگاهه تي ملاقات ڪئي. آمريڪي سفير جهانگير ترين ملاقات ۾ پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۽ معاشي سڌارن جي حوالي سان ڳالهه ٻول ڪئي. آمريڪي سفير ۽ آءِ پي پي جي قيادت وچ ۾ ايندڙ عام چونڊن بابت به گفتگو ٿي. جهانگير ترين انساني حقن بابت پنهنجو موقف آمريڪي سفير آڏو رکيو، هن چيو ته آءِ پي پي جي قيادت ڀرپور انداز سان پنهنجي چونڊ ۽ سياسي سرگرميون شروع ڪري چڪي آهي، پارٽي قيادت عام چونڊن لاءِ تيار آهي. ان موقعي تي پارٽي جا سينيئر اڳواڻ اسحاق خاڪواني ۽ عون  چوڌري به موجود هئا. هوڏانهن  اڳوڻي صدر آصف زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر ملاقات ڪئي آهي، جنهن دوران ٻه طرفن لاڳاپن تي ڳالهه ٻول ٿي. پ پ جي شريڪ چيئرمين ۽ اڳوڻي صدر آصف زرداري سان برطانوي هاءِ ڪمشنر جين ميريٽ سان ملاقات ڪئي، جنهن دوران هن بادشاهه چارلس جي پيدائش جي موقعي تي ساڻس لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. آصف زرداري ڊيوڊ ڪيمرون جي پرڏيهي وزير بڻجڻ تي نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي هن غزا ۾ اسرائيلي جارحيت جي خاتمي لاءِ برطانيا کي مصالحتي ڪردار ادا ڪرڻ تي زور ڏنو. ٻنهي شخصيتن وچ ۾ پاڪ-برطانيا لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهه ٻول ٿي. ان موقعي تي سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم پڻ موجود هئا.