اسلام آباد (بيورو رپورٽ) عام چونڊن ۾ ٽرانسپورٽيشن، سيڪيورٽي جي فول پروف انتظامن ۽ ٻين خرچن جي واڌ سان چونڊ خرچن جو ڪاٿو 49 ارب کان وڌي ويو. اليڪشن ڪميشن عام چونڊن لاءِ وفاقي حڪومت کان 47 ارب رپين جي گهر  ڪئي هئي، جيڪا رقم مرحليوار اليڪشن ڪميشن کي فراهم ڪئي پئي وڃي. ذريعن موجب ملڪ ۾ سيڪيورٽي خدشن ۽ سرحدي صورتحال کي ڏسندي پوليس، رينجرز، فوج ۽ ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سيڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان وڌيڪ ساڍا 3 ارب گهريا آهن، ان حوالي سان رڳو پنجاب پوليس عام چونڊن جي سيڪيورٽي لاءِ اليڪشن ڪميشن کان هڪ ارب 19 ڪروڙ رپيا طلب ڪيا آهن.