اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي چيف جسٽس عامر فاروق چيو آهي ته جوڊيشل پاليسي واضح ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، جيل ۾ قيد جوابدارن کي وڊيو لنڪ ذريعي عدالتن ۾ پيش ڪرڻ جي پاليسي ڏني آهي، ان بابت رولز واضح ڪري رهيا آهيون، اسلام آباد ۾ تقريب کي خطاب ڪندي چيف جسٽس چيو ته اسان عام ماڻهو جي داد رسي لاءِ ويٺا آهيون، جوڊيشل پاليسي واضح ڪري رهيا آهيون جنهن تحت نون ڪيسن سان گڏ پراڻا ڪيس به ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪيا ويندا، وڪيل التوا هيٺ ڪيسن جو انگ گهٽ ڪرڻ ۾ مدد ڪن، وڊيو لنڪ ذريعي ٽرائل لاءِ رولز ٺاهيا ويندا، جدت پسندي اختيار ڪري دنيا سان گڏ هلڻو آهي.