ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ ۾ فلمون ٻيهر ريليز ڪرڻ جو رجحان وڌي رهيو آهي، تازو ئي پاڪستاني اداڪارا ماورا حسين جي فلم “صنم تيري قسم” ٻيهر رليز ڪئي وئي، جنهن شاندار ڪاميابي ماڻي. هاڻي بالي ووڊ جي مشهور ڪاميڊي فلم “انداز اپنا اپنا” جيڪا 4 نومبر 1994 تي رليز ٿي هئي، هلندڙ سال اپريل ۾ ٻيهر سينيما گھرن ۾ پيش ڪئي ويندي. ان فلم ۾ عامر خان، سلمان خان، روينا ٽنڊن ۽ ڪرشما ڪپور مک ڪردار نڀايا هئا. فلم “انداز اپنا اپنا” کانپوءِ عامر خان ۽ سلمان خان کي ڪنهن فلم ۾ گڏ ناهي ڏٺو ويو. عامر خان پنهنجي پٽ جنيد خان جي فلم ”لووياپا“ جي مشهوري مهم لاءِ آيو، جتي سلمان خان پڻ موجود هو. ان موقعي تي ٻنهي جي گڏ ڏسي مداحن ۾ اميد پيدا ٿي ته شايد ”انداز اپنا اپنا“ جو سيڪوئل ٺهڻ وارو آهي. پرڏيهي ميڊيا موجب، فلم جي ٻيهر ريليز شايد ان ڳالهه جو اشارو آهي ته ”انداز اپنا اپنا“ جو سيڪوئل ٺهي سگهي ٿو، پر هن وقت ان حوالي سان ڪنهن به قسم تصديق يا ترديد ناهي ڪئي وئي. سلمان خان هن وقت پنهنجي ايندڙ فلم “سڪندر” جي تيارين ۾ رڌل آهي، جيڪا 28 مارچ 2025 تي رليز ٿيندي. ٻئي پاسي عامر خان آخري ڀيرو 2022 ۾ رليز ٿيل“لال سنگهه چڍا” ۾ نظر آيو هو، هو هن وقت “ستاري زمين پر ٽو” جي شوٽنگ ۾ مصروف آهي.