اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان پيپلزپارٽي عامر لياقت جي وفات سبب خالي ٿيل قومي اسيمبلي جي تڪ  اين اي 245 تي پارٽي اميدوارن کان درخواستون طلب ڪري ورتيون آھن پيپلزپارٽي جي سيڪريٽري جنرل فرحت الله بابر چيو آھي ته ڄاڻايل تڪ لاءِ پارٽي اميدوار 20 جون تائين درخواستون پارٽي صدر جي نالي  بلاول هائوس ڪراچي جي ايڊريس تي اماڻين درخواستن سان گڏ 40 هزار رپين جو  بينڪ ڊارفٽ به لڳايو وڃي.