سڪرنڊ(ن پ ا) سڪرنڊ ۾ ايڊووڪيٽ عامر عمراڻي کي کنڀي گم ڪرڻ خلاف جيئي سنڌ محاذ جي چيئرمين رياض چانڊيو ۽ عامر عمراڻي جي وارثن قومي شاهراهه تي 4 ڪلاڪ ڌرڻو هنيو، ڌرڻي سبب ايندڙ ويندڙ سوين گاڏيون بيهجي ويون، ان موقعي تي ڌرڻي کي خطاب ڪندي رياض چانڊيو چيو ته وڪيل عامر عمراڻي تي جيڪڏهن ڪو ڪيس آهي ته کيس عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي، سنڌ جي ماڻهن کي هيسائڻ بند ڪيو وڃي، هن چيو ته عامر عمراڻي پرامن شهري آهي، کيس فوري طور آزاد ڪيو وڃي، هن چيو ته جيڪڏهن 24 ڪلاڪن اندر وڪيل عامر عمراڻي کي آزاد نه ڪيو ويو ته 27 فيبروري تي بينظيرآباد ڊويزن ۾ شٽربند هڙتال ڪئي ويندي، ان موقعي تي غلام مصطفيٰ عمراڻي، رابعا عمراڻي، ساجدهه عمراڻي، شائستا، اياز سولنگي، شهزاد چانڊيو، حنان عباسي ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، بعد ۾ ڊي ايس پي جاويد لاکير ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين کي 24 ڪلاڪن اندر وڪيل عامر عمراڻي کي آزاد ڪرائڻ جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.