ڪراچي (اسپورٽس نيوز) پاڪستان ۽ سريلنڪا وچ ۾ گال ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن فاسٽ بالر نسيم شاهه جي بيٽنگ جي حوالي سان پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ ڪامينٽيٽر عامر سهيل سخت لفظ چيا جنهن بعد کيس سوشل ميڊيا تي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي. عامر سهيل سست بيٽنگ ڪرڻ ۽ رنز اسڪور نه ڪرڻ تي نسيم شاهه تي تنقيد ڪئي هئي. ٽيسٽ ميچ جي ٽئين ڏينهن دوران ڪامينٽري ڪندي رميز راجا، نسيم شاهه جي ساراهه ڪندي  چيو ته نسيم کي بيٽنگ ۾ اعصاب مضبوط ڪرڻ ۾ ڪو مسئلو ناهي. ان تي عامر سهيل فوري طور جواب ڏيندي چيو ته نسيم کي دماغ جا مسلز مضبوط ڪرڻ جي ضرورت آهي، جيڪڏهن هو ايئن ڪرڻ ۾ ڪامياب ويوته سٺو ڪرڪيٽر ۽ بالر بڻجي سگهي ٿو. جتي عامر سهيل نسيم تي تنقيد ڪئي اتي سوشل ميڊيا واهپيدارن نسيم جي تمام گهڻو ساراهيو آهي. واهپيدارن جو چوڻ آهي ته جنهن نموني هن وڪيٽ تي ڄمي پنهنجي وڪيٽ بچائي ۽ سعود شڪيل کي موقعو ڏنو ان تي هو داد لهڻي ٿو. سوشل ميڊيا واهپيدارن عامر سهيل جي بيان کي تنقيد جو نشانو بڻايو ۽ کِل جوڳو قرار ڏيندي چيو ته دماغ جا مسلز ناهن هوندا.