اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اليڪشن ڪميشن گريڊ 20 جي ستن آفيسرن جي بدلين مقررين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، اسٽيبلشمينٽ ڊويزن انهن بدلين ۽ مقررين جي اجازت گهري هئي، ڪمشنر مردان يوسف رحيم کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي جڏهن ته سندس جاءِ تي شوڪت يوسفزئي کي ڪمشنر مردان مقرر ڪيو ويو آهي، ڪمشنر مالاڪنڊ شاهد الله خان کي اسٽيبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي، سندس جاءِ تي ثاقب رضا اسلم کي ڪمشنر مالاڪنڊ ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي، عامر سلطان ترين کي صحت کاتي جو سيڪريٽري مقرر ڪيو ويو آهي، ظهير الاسلام کي ڪمشنر هزاره ڊويزن مقرر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته ڪمشنر ڪوهاٽ محمد علي شاهه کي اسٽبلشمينٽ ڊويزن رپورٽ ڪرڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.