ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان پنهنجي پهرين گهرواري رينا دتاکي شادي کان اڳ پرچائڻ لاءِ رت سان خط لکڻ جو انڪشاف ڪري چڪو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب، عامر خان فلمي دنيا ۾ اچڻ کان اڳ رينا دتا جي محبت ۾ گرفتار ٿي چڪو هو. هڪ انٽرويوءَ ۾ عامر اعتراف ڪيو ته هن هڪ ڀيرو رينا کي پرچائڻ لاءِ رت سان خط لکيو هو، پر سندس عمل رينا کي پريشان ڪري ڇڏيو. ماضي ۾ سيمي گريوال کي ڏنل انٽرويو ۾ عامر خان ٻڌايو هو ته هن رينا کي متاثر ڪرڻ لاءِ رت سان خط لکيو، پر اهو عمل رينا کي بلڪل نه وڻيو ۽ هوءَ وڌيڪ ناراض ٿي وئي. عامر خان وضاحت ڪندي چيو ته ان وقت هو ٻاراڻن خيالن ۾ هو ۽ کيس لڳو ته محبت جي اظهار جو اهو طريقو اثرائتو هوندو، پر هاڻي کيس محسوس ٿئي ٿو ته اهو مناسب نه هو. عامر خان ٻڌايو ته هو ۽ رينا وڇوڙي جي ڊپ کان گهران ڀڄي ويا هئا، تنهن وقت عامر جي عمر 21 سال ۽ رينا جي 19 سال هئي. ياد رهي ته عامر خان 1986 ۾ رينا دتا سان شادي ڪئي هئي، پر سندن رشتو 2002 ۾ ختم ٿي ويو. ان کانپوءِ 2005 ۾ عامر خان ڪرن رائو سان شادي ڪئي جيڪا 2021 ۾ ختم ٿي.