ممبئي(شوبز نيوز) بالي جو مشهور فنڪار عامر خان سلمان خان ۽ شاهه رخ وچ ۾ دشمني جو انڪشاف ڪندي چيو آهي اسان مان هر ڪو هڪ ٻئي کي پوئتي ڇڏڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. بالي ووڊ جا ٿنڀا عامر خان، شاهه رخ خان ۽ سلمان خان ڪڏهن رشتن ته ڪڏهن دوستي جي حوالي سان سلسلو هلندو رهندو آهي، بالي ووڊ جي اداڪار هڪ ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي چيو آهي ته پهرين ڏينهن ۾ ٽن فنڪارن ۾ سخت مقابلو ٿيندو رهيو آهي، پر هاڻي اهو وقت ناهي رهيو، هاڻي اسان سڀ سينيئر اداڪار آهيون، هڪ ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي کيس سوال ڪيو ويو ته ڇا اوهان سان شاهه رخ ۽ سلما خان وچ ۾ڪو جهيڙو ٿيو آهي، هن جواب ڏيندي چيو آهي ته بالڪل ٿيندو رهيو آهي، اسان مان هر ڪوئي اداڪار اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. عامر خان وڌيڪ چيو ته اسان جو لڙايون ۽ اختلاف ڪيترائي ڀيرا ميڊيا تي رپورٽ ٿي چڪا آهن، جيڪا ڪا نئين ڳالهه ناهي، پر هاڻي اهو مقابلو ختم ٿي چڪو آهي، عامر خان وڌيڪ چيو ته جيڪو اڳي سوچيندا هئاسين هاڻي اهو ناهيون سوچيندا، هاڻي اسان سڀني جي وچ ۾ هڪ بهترين دوستي شروع ٿي چڪي آهي، اسان پاڻ کي هاڻي بهتر محسوس ڪري رهيا آهيون.