ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪار عامر خان هڪ مزاحيه قصو ٻڌائيندي چيو آهي ته اداڪار شاهه رخ خان کيس هڪ ليپ ٽاپ گفٽ ڪيو هيو، جيڪو ڪڏهن آن ئي ناهي ٿيو، ڀارتي ميڊيا موجب اداڪار عامر خان تازو ئي ٽيڪنالاجي ۽ ليڊرشپ سمٽ ۾ شڪرت ڪئي، ان موقعي تي اداڪار عامر خان انڪشاف ڪيو آهي ته هو ٽيڪنالاجي سان ايترو لڳاءُ نه رکندو هيو، پر شاهه رخ خان کيس ٽيڪنالاجي طرف وٺي آيو، منهنجو ٽيڪنالاجي سان پري پري تائين ڪو تعلق نه هيو، تقريب ۾ هن هڪ مزاحيه قصو ٻڌائيندي چيو ته 1996ع ۾ شاهه رخ خان ۽ مان آمريڪا ۽ برطانيا ۾ ٽيڪنالاجي تي هڪ شو ڪري رهيا هئاسين ۽ ان وقت شاهه رخ خان ٽيڪنالاجي کان تمام گهڻو واقف هيو، هن ٻڌايو ته هڪ ڪمپني ان وقت هڪ نئون ليپ ٽاپ آندو، جنهن تي شاهه رخ خان کيس ليپ ٽاپ وٺڻ جو مشورو ڏنو، مون چيو مون پنهنجي زندگي ۾ ڪڏهن ڪمپيوٽر استعمال ناهي ڪيو، مون کي ڪهڙي ضرورت آهي، ڪمپيوٽر جي، ته ان تي شاهه رخ خان چيو ته تون سمجهين نٿو، ان ۾ تون دفتر جون شيون وجهه، هي وجهه، هو وجهه ۽ مون کي تمام گهڻو سمجهايو ته مون چيو جيڪو تون پنهنجي لاءِ وٺندين،