ڪراچي(شوبز نيوز) 10هين آئيڪن آف دي نيشن ايوارڊ جي شاندار تقريب ۾ مختلف شعبن ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ قومي هيروز کي ايوارڊ سان نوازيو ويو. تقريب جو انتظام آئيڪن پي آر اينڊ ڪميونيڪيشن، اسٽينڊرڊس گزيٽ انٽرنيشنل ۽ سنڌ جرنلسٽس نيٽورڪ (سجن) پاران ڪيو ويو. پروگرام ۾ سنڌ جي صلاحڪار براءِ پبلڪ هيلٿ سليم بلوچ، سنڌ سيڪريٽري ڪلچر خير محمد ڪلوڙ، ڪمشنر ڪراچي سيد حسن نقوي، پي ٽي وي جي جنرل مئنيجر امجد شاهه سميت اهم شخصيتن شرڪت ڪئي. ليجنڊري فلم اسٽار منور سعيد، ممتاز بيگم ۽ ٻين کي لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ ڏنا ويا. آئيڪن ايوارڊز جي باني ۽ چيئرمين رحمت الله ميمڻ، سي اي او عظمٰه صابر ۽ منصور مغريءَ پنهنجي خطاب ۾ مالي اثر رسوخ يا سفارش جي نفي ڪندي، ميرٽ جي بنياد تي ايوارڊز ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. رحمت ميمڻ صحت جي سنگين چئلينج باوجود ايوارڊ شو جي هر مرحلي جي نگراني ڪري بهترين معيار کي يقيني بڻايو. ماحوليات جي ماهر مسعود لوهار ٻڌايو ته گذريل ٻن هفتن دوران ڪراچي ۾ 52 زلزلا آيا آهن، پر بدقسمتي سان اهڙي هنگامي صورتحال سان منهن ڏيڻ لاءِ ڪي به تياريون ناهن. اهڙي طرح 30 ملين آباديءَ لاءِ اڃا تائين واٽر سيوئج جو ڪو پلانٽ موجود ناهي. ا ايوارڊ ماڻيندڙن ۾ نعت خوان حامد رضا، محمد ارشاد، انجم قريشي نعت خوان قومي اسيمبلي، تاجر هارون نواز، سعيد حنيفيه، رفيعه ملاح (رجسٽرار تعليم کاتو)، سماجي اڳواڻ اعجاز علي ڇڄڙو (چيئرمين بين المذاهب اين جي او)، جانورن جي حقن جي سرگرم ڪارڪن سيد فيصل رومي، گلوڪار وحيد خيال، جمال اڪبر (موسيقي جي دنيا جو وڏو نالو)، فاخر محمود، ٽي وي اسٽار عينا آصف، شاهين خان، عاصم محمود، آلي خان، ساره عمير صديقي، الما جعفري، دانش مقصود، سليم معراج، خير محمد ڪلوڙ (سيڪريٽري ڪلچر، سياحت و آرڪائيوز)، اسپورٽس ۾ جهانگير خان (جونيئر اسڪواش پليئر)، عاليه سومرو (پهرين خاتون باڪسر)، ارحم بن فرخ (ٽيبل ٽينس اسٽار)، صحافي اختيار کوکر، ڪالم نگار نديم مولوي، ساحر لوڌي، ڊراما ڊائريڪٽر سيد ميثم نقوي، ڊراما رائيٽر امبر اظهر، الغوزه نواز اڪبر خميسو خان، استاد فرحان رئيس خان (ستار پليئر)، مصور و خطاط سيد عبدالعرفان، ماحوليات لاءِ مسعود لوهار، ايس آءِ يو ٽي مان سينيئر ڊاڪٽر مرلي لال، ڊاڪٽر پروفيسر جاويد اڪبر سيال، امجد شاهه (جي ايم پي ٽي وي)، رفيق رحمان ميمڻ (ڪمشنر فيڊرل بورڊ آف ريونيو)، محمد سليم بلوچ (پبلڪ هيلٿ جو مشير)، منھاج گلفام (صدر ڪراچي موبائيل اينڊ اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن)، حسن نقوي (ڪمشنر ڪراچي) ۽ ٻيا شامل هئا. آخر ۾ آئيڪن ايوارڊ جي سي اي او عظمٰه صابر مهمانن جا ٿورا مڃيا.