ممبئي (شوبز نيوز) بالي ووڊ جي چاڪليٽي هيرو رنبير ڪپور هڪ دلچسپ انڪشاف ڪيو آهي ته اداڪاره عاليه ڀٽ سندس پهرين زال نه آهي، ڇو ته هو پنهنجي پهرين زال هڪ پراسرار مداح کي سمجهي ٿو. هڪ انٽرويوءَ دوران رنبير ڪپور اهڙو ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو ۽ ان تي وضاحت ڏيندي هڪ مزاحيه ڪهاڻي پڻ شيئر ڪئي. رنبير چيو ته هو عاليه ڀٽ کان اڳ ئي شادي ڪري چڪو هو، پر اها شادي هڪ اڻڄاتل مداح سان ٿي، جنهن سان هو اڄ تائين ناهي مليو .هن ٻڌايو ته پنهنجي ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ هڪ ڇوڪري، جنهن سان هو ڪڏهن به نه مليو، سندس گهر تائين اچي نڪتي هئي. رنبير وڌيڪ ٻڌايو ته ”مان ان ڇوڪري کي چريو نه چوندس، ڇو ته اهو لفظ عام طور تي ناڪاري معنيٰ ۾ استعمال ٿئي ٿو، پر مون کي ياد آهي ته منهنجي گهر جو چوڪيدار ٻڌايو هو ته هڪ ڇوڪري پنڊت سان گڏ آئي هئي ۽ منهنجي دروازي تي شادي ڪئي هيائين.“ هن چيو ته ”ان ڏينهن مان وائڙو ٿي ويو هئس ڇو ته منهنجي گهر جي در تي ڪجهه گل پيا هئا، پر مان ان وقت گهر ۾ موجود نه هئس. رنبير وڌيڪ چيو ته مان اڃا تائين پنهنجي پهرين زال سان نه مليو آهيان، پر ان سان ملاقات جو اوسيئڙو آهي. ياد رهي ته رنبير ڪپور اپريل 2022ع ۾ اداڪاره عاليه ڀٽ سان شادي ڪئي هئي، جوڙي هڪ نياڻي راها جو اولاد آهي.