نئين دهلي(شوبز نيوز) بالي ووڊ اداڪارا عاليا ڀٽ انڪشاف ڪيو آهي ته راني مکرجي جي نئين فلم “مسز چٽر جي بمقابلا ناروي” ڏسڻ کانپوءِ منهنجي سڄي رات پنهنجي والده ۽ ڀيڻ سان گڏ روئندي گذري. عاليا ڀٽ پنهنجي والده سوني رازدان ۽ وڏي ڀيڻ شاهين ڀٽ سان گڏ ڇنڇر تي راني مکرجي جي فلم “مسز چٽر جي بمقابلا ناروي” جي اسڪريننگ ۾ شرڪت ڪئي ۽ ٽنهي سينما ۾ گڏجي اها فلم ڏٺي. بالي ووڊ اداڪارا فلم ڏسڻ کانپوءِ انسٽاگرام تي پنهنجي جذبن جو اظهار ڪندي ٻڌايو ته مان فلم دوران روئي ويٺي هئس ۽ هڪ ماءُ هئڻ سبب ان فلم جي ڪهاڻي مونکي گهڻو متاثر ڪيو آهي. عاليا ڀٽ پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ فلم جي ٽيم کي مبارڪ ڏيندي لکيو ته “مسز چٽر جي بمقابلا ناروي” هڪ اهڙي ڪهاڻي آهي جيڪا سڀني کي ٻڌائڻ گهرجي ۽ منهنجي لاءِ اها ڪهاڻي خاص طور تي هڪ نئين ماءُ طور گهڻي ويجهو هئي.