عالمگيريت ڇا آهي؟

0
97
عالمگيريت ڇا آهي؟

عالمگيريت ڇا آھي؟ يا ايئن چئجي ته عالمگيريت جي حقيقت ڇاھي؟ ته بھتر ٿيندو.

                 عالمگيريت نه ڪا تحريڪ، نه ڪو نظريو، نه وري ڪا ٿيوري آھي. عالمگيريت بس ھڪڙو شوشو آھي جنھن جو مرڪزي خيال آھي ته سرمائيداريءَ کي سڄي دنيا ڀيلڻ جو حق آھي. سرمائيدارن جي عالمي معاھدن سبب سڀ رنڊڪون ختم ٿي وينديون ۽ موڙيءَ جي ريد فيد اسرندڙ ملڪن ڏانھن جديد ٽيڪنالاجيءَ جي منتقلي ممڪن ٿيندي ۽ بس، اھي به ڏسندي ڏسندي امير ملڪن ۾ ڳڻجڻ شروع ٿي ويندا.

                 عالمگيريت کي جيڪڏھن لينن جي سامراجي ٿيوريءَ واري سن۲۰۱۶ع جي لکت واري اک سان ڏسجي ته لڳي ٿو سرمائيداريءَ جي چاھيندڙن لاءِ عالمگيريت جھڙوڪر سڄي سرمائيداري نظام ۽ ان جي گهڻ گهرن جي آخري خواھش يا سھارو بکندي. سندن خيال آھي ته سرمائيداريءَ جو نئون ماحول سرمائيدارن لاءِ نوان رستا پيو کولي ۽ رڳو چند سالن ۾ ڪي چار ارب ماڻھو عالمي سرمائيڪاريءَ، ۾ شامل ٿيا آھن. ڪووڊ ـ ۱۹ جي ھن عالمي وبا، ۾ جتي سڄي دنيا کي ٽانڊا ڏئي ڇڏيا آھن، اتي به سرمائيدار کي پنھنجي لاءِ سرمايو وڌائڻ جا جھڙوڪر نوان موقعا ٿا سجهن.

ايستائين جو دنيا جون مختلف ثقافتون معدوم ٿي وينديون ۽ دنيا، ۾ صرف ھڪ ثقافت ھوندي سرمائيداري وکرن جي برانڊ واري ثقافت. سرمائيڪاريءَ وارا، مختلف ادارا ايئن پيا ڀيلن جيئن ڪو سٽي جو ڪاروبار ھجي يا دنيا ڪو جوا جو اڏو ھجي. جيڪڏھن واقعي اھو سڀ ڪجهه ايئن ئي آھي جيئن سرمائيداريءَ جي ضابطي ھيٺ عالمي خابرو ادارا ٻڌائين ٿا ته پوءِ لڳي ٿو اسان مارڪسوادي ڀليل آھيون يا وري صفا جي اٻوجهه جن کي صفا ان سڄي وايومنڊل جو ڪو ڌپو ئي نٿو پئي.

خير! ايئن به ڪونھي. اھا سرمائيداريءَ جي خام خيالي آھي.

سرمائيداريءَ جي گهڻ گهرن جو خيال آھي ته سرمائيداريءَ جي ٻيگهي متل آھي ۽ سندن وقت ھاڻ بس جھڙوڪر شروع ٿيو آھي جيڪا سندن ڀل آھي. دنيا ۾ امير ۽ غريب ملڪن ۾ وٿي گهٽجڻ بدران مسلسل وڌي رھي آهي ٻيو ته ٺھيو رڳو ڪووڊ ويڪسين کي ئي ڏسئون ته فرق صاف ظاھر آھي. يورپي ۽ آفريڪا، اتر آمريڪا ۽ ڏکڻ آمريڪا جي رھاڪن جي رڳو ويڪسين تي پھچ ڏسجي ته تفاوت ظاھر، ظھور موجود به آھي ۽ واضح به آھي. جيڪڏھن دنيا تي نظر ڦيرايون ته يورپ، آمريڪا، ايشيا، آفريڪا جتي ڪٿي لکين ماڻھو اجرت، شھري سھولتن، زندگيءَ جي ترتيب ۽ روزگار لاءِ نه رڳو احتجاج ڪن ٿا پر پنھنجي حقن لاءِ عالمي مالياتي ادارن ۽ سرمائيدار ملڪن خلاف پڻ برسرپيڪار آھن.

اسرندڙ ملڪن جون مقتدر قوتون انھن احتجاجن کي اھو چئي درگذر ڪن ٿيون ته ڀلا ڪو ڏکڻ ڪوريا جيان دنيا کان الڳ ٿلڳ ته ڪونه ٿينداسين. دنيا سان وھنوار ڪرڻ، وھنوار نه ڪرڻ کان بھتر آھي جيڪا دراصل انھن قوتن جي پنھنجي جيئڻ جي جتن جي ھڪ ڪوشش آھي. عالمي واپاري معاھدا يا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جھڙا ادارا گهڻ قومي سرمائيدار ڪمپنين جا سھولتڪار آھن ۽ اسرندڙ ملڪن کي قرضن جي ڄار ۾ ڦاسائڻ جا سھولتڪار آھن. سرمائيداري مخالف تحريڪون انھي چوڳي ۽ ڪوڙڪين کي نروار ڪرڻ جي ڪوشش ۾ مصروف آھن.

ڏٺو وڃي ته عالمگيريت خودمختيار قومي حڪومتن لاءِ موتمار شوشو آھي. سريلنڪا جي حالت ڪنھن کان ڳجهي ڪونھي. پاڪستان جنھن دڳ سان ھلي پيو ان جو به ڪو بھتر مستقبل نظر نٿو اچي. جڏھن قومون عالمي مالياتي ادارن جي قرضن ۾ ڦاٿل ھونديون ته اھي ڪيئن پنھنجي قومي مفادن جي پاسداري ڪري سگهنديون. عالمي سرمائي جي فراواني سبب شاھوڪار ملڪ، غريب اسرندڙ ملڪن تي پئسي جو زور تي غالب ٿين ٿا ۽ اھي بالڪل ايئن آھن جيئن اڻويھين صديءَ ۾ ھٿيارن جي زور تي ملڪن تي آفيم مڙھيو ويو ھو يا واپار جي نالي تي بيٺڪيتون قائم ڪيون ويون. مارڪسوادي سمجهن تا ته عالمي واپار به ايئن پيو ٿئي جيئن سرمائيداري پورھئي جو اجورو ادا ڪندي آھي. ساڳي ريت اسرندڙ ملڪن کي سندن وکر جو ملهه ادا ڪيو ٿو وڃي جنھن سان ڪڏھن به اھي ملڪ شاھوڪار ملڪن سان ڪلھو ڪلھي ۾ ملائي نه سگهندا. نه وري ڪو عالمگيريت تحت ملڪن جون سرحدون مٽجي وينديون ۽ سماجن ۾ برابري پيدا ٿيندي. سرنديءَ وارا ملڪ اسرندڙ ملڪن کي رڳو ايترو ڀانئن ٿا جيترو زرعي سماج ۾ ڪاٺير يا پکاليءَ کي ڀانيو ويندو آھي. سرمائيداريءَ جي ھڪ عالمي نظام ھجڻ جي حقيقت اڄ کان ڪي ڏيڍ سئو سال اڳ اسان جا وڏڙا ڪامريڊ مارڪس ۽ ڪامريڊ اينگلس پنھنجي مشترڪه اشاعت ڪميونسٽ مينيفيسٽو ۾ ڪجهه ھن ريت لکي ويا آھن. “ھوند وارن دنيا جي اقتصادي بازر کي گهڻ ملڪي طرزِ پيداوار ذريعي ايئن استعمال ڪيو آھي جو روايتي مقامي پيداواري ذريعا جھڙوڪر معدوم ٿيندا پيا وڃن. انھن روايتي پيداواري ذريعن جي معدومي تيزيءَ سان جاري آھي. سرمائيدار پنھنجي ھڪ ھٽي قائم ڪرڻ لاءِ صنعتي ايجادن کي رڳو پنھنجو ڀڀ ڀرڻ لاءِ پيو استعمال ڪري. ملڪن ۾ موجود پراڻين صنعتن جي معدومي انھن ملڪن جي زندگي ۽ موت جو سوال ٿي اڀريو آھي. اھي جديد صنعتون اسرندڙ ملڪن مان سستو خام مال خريد ڪري ساڳين ملڪن کي مھانگو وکر ڪري وڪڻن ٿيون. بورجوا صنعتي پيداوار جي وسيلن آڌار ۽ رابطي جي ذريعن وسيلي وحشي قومن کي به جھڙو مھذب ڪري پيش پيا ڪن”

اڳتي ھلي ڪامريڊ مارڪس ۽ ڪامريڊ اينگلس لکن ٿا ته “ڪميونسٽ انھن ملڪي ۽ نام نھاد قومي تشخص کان ماورا ٿي مزدور جي سڃاڻپ ڪنھن ملڪ، قوم، نسل يا زبان بدران سندس لياقت، ھنر ۽ ڪاريگريءَ جي ڳالهه ڪن ٿا ڇاڪاڻ ته سرمائيدار ملڪن جي حقيقي قومي تشخص کي معدوم ڪندي صرف مادي ۽ پيداواري شناخت ڏيندو پيو وڃي. دنيا جي مزدور جو اصل مقابلو عالمي سرمائيداريءَ سان آھي نه ڪي ھڪ ٻئي سان.” عالمگيريت مان اسرندڙ ملڪن کي ڪو فائدو رسندو؟ حقيقت کي ڏسئون ته جواب “ناڪاري” آھي. سن ۱۸۲۰ع کان سن ۱۹۹۷ع تائين ملڪن جي في ڪس آمدنيءَ تي نظر وجهئون ته امير، سرمائيدار ملڪن ۾ اڻويھوڻ ۽ اسرندڙ ملڪن ۾ صرف پنجوڻ وڌي آھي. ڪٿي به ملڪن جي ترقيءَ ۾ سراسري ته ٺھيو، ڪا ھڪ جھڙائي يا برابري به ڪونھي. ملڪن ۾ وڇوٽيون وڌنديون ٿيون وڃن. امير، امير تر ۽ غريب، وڌيڪ غربت ۾ گهرندا ٿا وڃن. رهندو اسرندڙ ملڪ قومي خودمختياريءَ کان به وانجهبا پيا وڃن.

دنيا ۾ ڏيڍ ارب آبادي عالمي ترقياتي بئنڪ جي روزاني ھڪ ڊالر يا ان کان گهٽ آمدنيءَ واري آھي. اھڙي ڏيڍ ارب وري ٻن ڊالرن يا ان کان گهٽ آھي انھن ۾ گذريل ڏھن سالن ۾ ڪروڙن جي تعداد ۾ اضافو ٿيو آھي. رسي سھي ڪسر وري ھن ڪووڊ ـ ۱۹ جي عالمي وبا ڪڍي ڇڏي آھي. سرمائيداري امير ۽ غريب کي ايئن پيدا ڪندي آھي جيئن ڪو ڪارخانو شربت جون بوتلون پيدا ڪندو آھي. عالمگيريت جو شوشو کڻي ھو اسانکي ڊيڄارن ٿا ۽ ڏيکارن ٿا ته سرمايو سڀ ڪجهه خريد ڪري سگهي ٿو جيئن چين ۾ سستو مزدور پر ھو اھو وساري ٿا ويھن ته لينن اسانکي سن ۱۹۱۶ع ۾ خبردار ڪري ويو ھو ته سرمائيداري رڳو غريب ملڪ ۽ قومون ناھي ڄڻيندي پر نام نھاد ترقي يافته ملڪن ۾ پڻ غربت ڄڻيندي آھي پري ڇو وڃئون ڪووڊ ـ ۱۹ جي عالمي وبا ۾ يورپ ۽ آمريڪا جي  ملڪن ۾ سماج جي ھيٺئين طبقي جي حالت تي نظر وجهئون. عالمگيريت جو شوشو اصل ۾ انساني سماج جي ترقيءَ تي سرمائي جي قبضي جو ھڪ نمونو آھي جنھن وسيلي مقتدر قوتون ۽ حڪمران طبقا مزدور، ھاري، محنت ڪش، ۽ ناريءَ تي پنھنجو غلبو ۽ رعب قائم رکڻ گهرن ٿا.

عالمگيريت جي وھم جا انڪاري رڳو مارڪسوادي ڪونھن پر ڏٺو وڃي ته عالمي معيشت جي اڀرندڙ لهر سرمائيدار ملڪن کان سواءِ ٻيا به کوڙ سوڀارا پيدا ڪندي پر ان جو مطلب ڪو سرمائيداريءَ مان سولي جند آجي ٿيڻ ڪونھي. ان سبب ملڪن ۾ اندر ۽ ملڪن وچـ۾ پڻ تضاد اڀريا آهن، اڀرندا، شديد به ٿيندا. جنھن سبب ملڪن ۾ اندر سندي آبادي ۽ رياستن ۾ اقتصادي وڇوٽيون به وڌنديون. جيڪي پوئتي رھجي ويندا انھن کي نه رڳو معاشي پر سياسي، معاشرتي ۽ ثقافتي ڏکيائيون به ڀوڳڻيون پونديون. انھن سماجن ۾ بنياد پرستي ڪنھن نه ڪنھن شڪل ۾ سماجي تاڃي پيٽي کي ھاڃو پھچائيندي. غربت، عالمگيريت، سرمائيداري، انتشار، افراتفري، بک، بدحالي، بدامني، خراب حڪمراني، انتھاپسندي ۽ انسان دشمني. انھن سڀني عذابن جو حل صرف صفبندي آھي. مارڪس جي ڏسيل منزل، لينن جي ٻڌايل رستي ۽ طبقاتي صفبنديءَ کانسواءِ ھن عالمگيريت جي جن مان جند ڇڏائڻ جو ڪو ٻيو رستو ڪونھي.

عالمگيريت ڇا آھي؟

سرمائيداريءَ جو ڇڏيل شوشو.

عالمگيريت جي حقيقت ڇاھي؟

غريب جي بدن تي پھريل انگوڇو لاھڻ.