ھن حقيقت کي عالمي طور تي مڃيو ويو آھي تہ: ”ٻوليون شروعاتي تعليم، سمجھداري ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ بنيادي ذريعن جي طور تي ڪم ڪنديون آھن.“ اھي ٻوليون ئي ھجن ٿيون، جن ذريعي ماڻھو ھڪٻئي سان لھ وچڙ ۾ اچن ٿا. ٻولين جي مدد سان اسان پنھنجي اصلوڪين سڃاڻپن ۽ ثقافتن کي محفوظ پڻ ڪيون ٿا. پوري دنيا ۾ ھن وقت تائين جيڪي ٻوليون پنھنجي وجود کي برقرار رکڻ ۾ ڪامياب ويون آھن انھن جو انگ لڳ ڀڳ 8،324 آھي، جن مان گھڻيون ٻوليون اھڙيون بہ آھن، جيڪي عالمگيريت جي اثرن ۽ سماجي تبديلين جي ڪري خطرن کي منھن بہ ڏئي رھيون آھن. سچائي ھي بہ آھي تہ: ”بھتر ۽ موثر اھو تعليمي نظام آھي، جيڪو ھڪ ٻار کي ھن جي مادري ٻولي ۾ تعليم ڏيڻ واري حق جي حمايت ڪري ٿو.“ ڇاڪاڻ جو بھتر نتيجن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ مادري ٻولين جي ڪردار کي نظر انداز نٿو ڪري سگھجي. تعليمي ماھر ئي ھن ڳالھ جو اقرار ڪن ٿا تہ: ”جن ٻارن کي ھنن جي مادري زبانن ۾ تعليم ڏني وڃي ٿي، اھي ٻار مضمونن کي چڱي طرح سان سمجھن ٿا ۽ ھنن جون سکڻ واريون صلاحيتون بھتر کان بھتر ٿين ٿيون.“ ٻار مادري زبانن وسيلي سٺي سمجھداري، شموليت ۽ تنقيدي مھارتن کي سکن ۽ ظاھر ڪن ٿا. گھڻ ٻوليائي تعليم خاص طور تي ٿورائي واري آبادي ۽ مقامي ٻولين جي لاءِ نہ صرف سکڻ وارن جي مدد ڪري ٿي پر، ھن سان تعليم ۽ ثقافت جي وچ ۾ گھرو تعلق بہ پيدا ٿئي ٿو. نتيجي ۾، اھڙي قسم جو ماحول برابري وارن معاشرن کي قائم ڪرڻ جي لاءِ مددگار بڻجي پوي ٿو. سال 2000ع کان وٺي اڄ ڏينھن تائين پوري دنيا ۾، ھر سال 21 فيبروري کي مادري ٻولين جي عالمي ڏينھن طور ملھايو وڃي ٿو. اھڙي طرح سان سال 2025ع ۾ مادري زبانن جي عالمي ڏھاڙي پنھنجا 25 سال مڪمل ڪري ورتا آھن، يعني لساني تنوع ۽ مادري زبانن کي فروغ ڏيڻ ۽ انھن جي وجود واري حق کي مڃائڻ واري تحريڪ ھڪ صديءَ جو چوٿون حصو مڪمل ڪري ورتو آھي. ھي تحريڪ چئي ٿي تہ: ”ثقافتي ورثن جي تحفظ، تعليم کي وڌيڪ بھتر بڻائڻ ۽ معاشرن کي وڌيڪ پرامن بڻائڻ جي لاءِ مادري زبانن جو تحفظ ڪرڻ ۾ ڪنھن بہ قسم جي ڪوتاھي نہ ڪرڻ گھرجي.“ ھي ڏھاڙو شموليت کي فروغ ڏيڻ سان گڏ پائيدار ترقي جي ھدفن کي حاصل ڪرڻ ۾ ٻولين جي ڪردار جي نشاندھي پڻ ڪري ٿو.
عالمي طور تي 40 سيڪڙو آبادي اھڙي آھي، جنھن کي ھن جي مادري زبان ۾ تعليم نٿي ڏني وڃي. مادري زبانن کي 21 فيبروري واري ڏھاڙي تي ھر سال توڻي جو عالمي سطح تي سھڻي طرح سان ملھايو وڃي ٿو پر ھن ڏينھن کي ملھائڻ جو پسمنظر بنگلاديش جي تاريخ سان جڙيل آھي. 1948ع ۾، پاڪستان جي وفاقي سرڪار پاران صرف اردو کي ئي رياست جي سرڪاري زبان جو درجو ڏنو ويو تہ اوڀر بنگال ۾ انھيءَ فيصلي خلاف باھ ڀڙڪي پئي. فيصلي کي واپس وٺڻ جي لاءِ مظاھرن، احتجاجن ۽ ڳالھين جو سلسلو جڏھن ناڪام ٿي ويو تہ، 21 فيبروري، 1952ع واري ڏھاڙي تي، ڍاڪا يوينورسٽي جي شاگردن پاران بنگالي ٻولي کي قومي ٻولي جو درجو ڏيارڻ جي لاءِ ھڪ ڀرپور احتجاج ڪيو ۽ مطالبو ڪيو تہ اردو سان گڏ بنگالي زبان کي بہ قومي ٻولي جو درجو ڏنو وڃي پر وفاقي سرڪار پنھنجي فيصلي تي بضد رھي ۽ شاگرد پنھنجي مطالبي تي اٽل رھيا. مظاھرو ڪندڙ شاگردن تي پوليس سڌيون گوليون ھلايون. نتيجي ۾ چار شاگرد زندگي جي جنگ ھارائي ويا ۽ سوَن جي تعداد ۾ گھايل پڻ ٿيا. چئن سالن بعد يعني 29 فيبروري، 1956ع ۾ پاڪستان جي وفاقي سرڪار پاران اردو سان گڏ بنگالي زبان کي بہ قومي ٻولي جو درجو تہ ڏنو ويو پر ٻن انتھائن جي وچ ۾ جيڪا سياسي ۽ سماجي وٿي پيدا ٿي چڪي ھئي، ان وٿي جو انجام 1971ع ۾ بنگلاديش جي صورت ۾ نڪتو. 17 نومبر، 1999ع ۾، پھريون ڀيرو يونيسڪو پاران 21 فيبروري کي مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي طور ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ھن اعلان جي پويان بہ ڪينيڊا ۾ رھڻ وارو ھڪ بنگالي فرد رفيق الاسلام آھي. رفيق الاسلام پاران 9 جنوري، 1998ع ۾ تنھن وقت جي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ڪوفي عنان (8 اپريل، 1938، گھانا _ 18 آگسٽ، 2018، سوئٽزرلينڊ) کي ھڪ خط ذريعي ھي تجويز ڏني ھئي تہ 21 فيبروري کي ھر سال مادري ٻولين جي عالمي ڏھاڙي طور ملھايو وڃي. خط ۾ ھن پريشاني جو اظھار بہ ڪيو ويو ھو تہ، دنيا ڀر جي اصلوڪين ٻولين کي ختم ٿيڻ کان بچائڻ جي لاءِ گڏيل قومون پنھنجو ڪردار نڀائين ۽ اڳيان اچن. گڏيل قومن جي اداري، لساني تنوع، ثقافتي ھم آھنگي جي تحفظ ۽ ٻولين کي عالمي ڀائيچاري جو اھم ڪارڻ سمجھندي سال 2008ع کي مادري ٻولين جو سال قرار ڏنو ھو. 16 مئي، 2009ع ۾، گڏيل قومن پنھنجي رڪن ملڪن تي زور ڀريو تہ، ملڪن اندر استعمال ٿيندڙ سڀني زبانن کي آئيني تحفظ ڏيڻ سان گڏ انھن جي ترقي تي پورو پورو ڌيان ڏنو وڃي.
ڪجھ سالن کان سنڌ جا اھي ادارا جيڪي سنڌي ٻولي جي فروغ ۽ ترقي وٺرائڻ جي لاءِ جوڙيا ويا آھن، ٻولي جي حوالي سان ڪافي متحرڪ نظر اچي رھيا آھن. سنڌي ادبي بورڊ، سنڌي ادبي سنگت، سنڌالاجي، سنڌي لينگويج اٿارٽي ۽ عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لينگويج انجنيئرنگ سان گڏ، ڪجھ ٻيا ادارا بہ آھن، جيڪي سنڌ جي ڏاھن جي نالن جي پويان ھنن جي خاندانن پاران ٺاھيا ويا آھن، اھي بہ ٻولي جي تحفظ ۽ ترقي سان گڏ تحقيقي ڪمن جي لاءِ ڪافي وقت کان ڪمن ۾ رڌل آھن ۽ پنھنجو موثر ڪردار نڀائي رھيا آھن. ڪجھ سالن کان جڏھن کان، ادبي ميلن کي ملھائڻ جو رواج پيو آھي جھڙوڪ: سنڌ لٽريچر فيسٽول، صوفي ميلو، اياز ميلو، لاھوتي ميلو يا آمدِ بھار ميلو. ھي سڀ ميلا بہ جتي سنڌي ٻولي جي فروغ جو ڪارڻ بڻجي رھيا آھن، اتي اھي سنڌي موسيقي کي بہ جيئدان ڏئي رھيا آھن. ماضي جي ڀيٽ ۾ ھن وقت سوين ڪتاب گھر اچي ويا آھن. ھي سڀ ڪتاب گھر جتي پنھنجي ڪاوربار کي وسعت ڏئي رھيا آھن، اتي اھي سنڌي ٻولي ۾ بہ ترجيحي بنيادن تي ڪتاب ڇاپي ٻولي جي بھترين نموني سان خدمت ڪري رھيا آھن. ڀلا ھن ڳالھ کان ڪير انڪار ڪري سگھي ٿو تہ گذريل 24 سالن کان سنڌي ٻولي جا ڪيترائي خابرو ۽ تفريحي سيٽلائيٽ چينل بہ پنھنجي پنھنجي نشريات جا جوھر ڏيکاري سنڌي ٻولي کي دنيا ڀر ۾ متعارف ڪرائڻ جو اھم ذريعو بڻجي ويا آھن. آءُ ھن وقت تمام گھڻو پراميد آھيان تہ سنڌي ٻولي جو آئيندو روشن ھجڻ سان گڏ ھي ٻولي پنھنجو وڃايل مقام حاصل ڪري ۾ ھاڻي اتي اچي بيٺي آھي، جتي اسان کي ڪنھن بہ پريشانيءَ جو شڪار نہ ٿيڻ گھرجي. انٽرنيٽ، جديد رابطي ڪاري، چيٽ جي پي ٽي، ايَ آءِ سان گڏ کوڙ ٻيا اھڙا سوشل پليٽ فارم آھن، جيڪي سنڌي ٻولي کي پنھنجي پنھنجي سسٽم جو حصو بڻائي رھيا آھن. سال 2025ع مادري ٻولين جو پنجويھون سال آھي، يعني ھي ڏھاڙو پنھنجي سلور جوبلي ملھائي گولڊن جوبلي واري عرصي ۾ پير پائيندو ۽ اڳتي وڌندو ويندو. عجيب اتفاق آھي تہ تقريبن ساڳئي عرصي جيتري عرصي بعد ”سنڌوءَ جي گونج“ نالي ھڪ سنڌي فلم بہ نمائش جي لاءِ تيار بيٺي آھي. آخر ۾، اسان کي ھن ڳالھ کي ڪندي بہ سرھائي محسوس ٿي رھي آھي تہ تعليم جي وزير سيد سردار علي شاھ پاران پوري سنڌ ۾ اسڪولن کي سنڌ جي مھان شخصيتن جي نالي ڪرڻ جو جيڪو ڪم شروع ڪيو ويو آھي، ان کي بہ عوام پاران تمام گھڻو پسند ڪيو پيو وڃي.