ڪراچي (اسپورٽس نيوز) اڳوڻي ٽيسٽ ڪپتان مصباح الحق چيو آهي ته عالمي ڪپ لاءِ پاڪستان ٽيم ۾ ڇيڙ ڇاڙ جو وقت ناهي، هن چيو ته اميد آهي ته پاڪستان عالمي ڪپ ۾ سٺي ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندو، ايشيا ڪپ کٽي ڪري ڀارتي ٽيم مضبوط بڻجي سامهون آئي آهي، پاڪستان جي ڪارڪردگي جو روئڻ روئڻ وارا سريلنڪا کي ڏسن، ڪراچي ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ايشيا ڪپ ۾ پاڪستان جي شڪست تي افسوس ضرور ٿيو پر ڪنهن هڪ کي الزام ڏيڻ ٺيڪ ناهي، سندس چوڻ هو ته 228 رنز تان شڪست رڳو ڪپتان جي ڪري نه ٿي، اوهان جي پوري ٽيم کي شڪست ٿي، غلطيون ٿيون آهن، پر اها ئي ٽيم بهتر آهي، تنهن ڪري اسان کي پنهنجي پرفارمنس بهتر ڪرڻي آهي، ان ناڪامي مان پاڪستان جو اعتماد ضرور متاثر ٿيو آهي، پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم سدائين مشڪل حالتن مان ٻاهر نڪتي آهي، مون کي اميد آهي ته اها ئي ٽيم عالمي ڪپ ۾ بهتر ڪندي،  مصباح الحق چيو ته قومي ٽيم ۾ تبديلين جي حوالي سان جواب سليڪشن ڪميٽي ڏيندي، اسان جو اسپن جو شعبو درست طريقي سان پرفارم نه ڪري سگهيو، رانديگرن ۾ گهٽتائي ناهي پر بهتري جي گنجائش آهي، انهن جي رانديگرن ماضي ۾ به پرفارم ڪري ڏيکاريو آهي، ڀارت جي ٽيم هن وقت تمام سٺي آهي، ورلڊ ڪپ هڪ نئون ايونٽ آهي، ڪنڊيشن مشڪل هوندي، 100 سالن بعد به پاڪستان هارائيندو ته اوهان مون مٿان وجهي ڇڏيندا.