لاهور ( اسپورٽس نيوز ) عالمي ڪپ اسڪواڊ لاءِ شروعاتي مشاورت مڪمل ٿي وئي جڏهن ته سعود شڪيل کي پندرنهن رُڪني اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ تي اتفاق ٿي ويو آهي. ذريعن موجب، سعود شڪيل پندرنهن رُڪني ورلڊ ڪپ اسڪواڊ جو حصو بڻائڻ تي اتفاق ڪيو ويو، ڪپتان بابر اعظم، شاداب خان، محمد رضوان، فخر زمان ٽيم جو حصو هوندا. ان کانسواءِ امام الحق، سعود شڪيل، سلمان علي آغا، افتخار احمد، محمد نواز، اساما مير، محمد حارث، شاهين آفريدي، حارث رئوف، نسيم شاهه ۽ وسيم جونيئر جا نالا شامل آهن. ورلڊ ڪپ لاءِ 15 رُڪني اسڪواڊز جو اعلان ڪرڻ لاءِ 5 سپٽيمبر جي تاريخ مقرر ڪئي وئي آهي، 28 سپٽيمبر تائين ٽيمون آءِ سي سي جي اجازت کانسواءِ تبديليون ڪري سگهن ٿيون، ان کانپوءِ ٽيڪنيڪل ڪميٽي کان اجازت گهربل هوندي. ذريعن موجب، عالمي ڪپ لاءِ عبدالله شفيق جي جاءِ تي سعود شڪيل کي ترجيح ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته فهيم اشرف کي به عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل نه ڪرڻ جو پلان آهي.