لاهور (اسپورٽس نيوز) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) جي ورلڊ ڪپ ٽرافي جي لاهور ٽور جي شروعات ٿي وئي آهي.پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب، عالمي ڪپ ٽرافي کي ٽن ڏينهن جي دوري تي پاڪستان آندو ويو آهي، ورلڊ ڪپ ٽرافي جو لاهور ٽور يادگار هوندو. پي سي بي اختيارين جو چوڻ آهي ته ورلڊ ڪپ ٽرافي کي تاريخي ماڳن نمائش ڪئي ويندي جتي ڪرڪيٽ مداحن کي ورلڊ ڪپ ٽرافي ڏسڻ جو موقعو ملندو. ميڊيا لاءِ ٽرافي اڄ نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ رکي ويندي.ياد رهي ته عالمي ڪپ جي ٽرافي جون ۾ ڀارت کان ورلڊ ٽور جو آغاز ڪيو هو. ياد رهي ته هلندڙ سال ون ڊي ورلڊ ڪپ پنج آڪٽوبر تي ڀارت ۾ شروع ٿي رهيو آهي،