ٽنڊوڄام(ن پ ا) سنڌ زرعي يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري چيو آھي ته دنيا جي يونيورسٽين ۾ اعليٰ تعليم، روزگار ۽ اميگريشن جا موقعا موجود آھن، سنڌ زرعي يونيورسٽي دنيا جي ڪيترين يونيورسٽين سان معاھدا ڪيا آھن، جنھن مان سنڌ زرعي يونيورسٽي جي نوجوانن سميت سنڌ جا نوجوان اسٽارٽ اپس ذريعي فائدا حاصل ڪري سگھن ٿا، يونيورسٽي جي شعبي انفارميشن ٽيڪنالوجي سينٽر جي ميزباني ھيٺ ۽ اسٽوڊنٽس ٽيچرس انگيجمينٽ پروگرام(اسٽيپ) ۽ آئي ٽرپل اي جي سھڪار سان “ڪينيڊا ۾ سائبر سيڪيورٽي ۽ مشين لرننگ سان لاڳاپيل تعليم، اميگريشن ۽ ڪيريئر جا موقعا” جي عنوان تحت رٿيل ٽيڪنيڪل ۽ آگاھي سيمينار ۽ انسٽيٽيوٽ آف اليڪٽريڪل اينڊ اليڪٽرونڪس انجنيئرس( آئي ٽرپل اي) جي ڏھاڙي جي مناسبت سان رٿيل تقريب کي خطاب ڪندي چئي، ھن چيو ته دنيا ۾ ھاڻي مھارتون ۽ منفرد آئيڊياز رکندڙ جن نوجوانن ۾ قابليت آھي، انھن لاءِ کوڙ سارا موقعا موجود آھن، ھن چيو ته اسٽارٽ اپس جو مطلب ڪا نئين شئي ايجاد ڪرڻ ناھي، پر موجود ذريعن کي منفرد نموني سان پيش ڪرڻ وارن قابل نوجوان ڪينيڊا سميت مختلف ملڪن ۾ آساني سان پاڻ مڃائي سگھن ٿا، مک اسپيڪر ۽ ڪينيڊا ۾ سائبر سيڪيورٽي ماھر سيد عبدالعليم شاھ پنھنجي مقالي دوران ٻڌايو ته سنڌ جي نوجوان اٽلي، جرمني، ڪينيڊا، آمريڪا، نيدرلينڊ سميت دنيا جي26 ملڪن ۾ پنھنجي بھتر مستقبل لاءِ فائدي لاءِ ڪوشش شروع ڪن، سندن ان سلسلي ۾ ھن ڄاڻ مان فائدو حاصل ڪن، سندن فني طور سھڪار ڪنداسين، ان موقعي تي ڊائريڪٽر آئي ٽي سي ڊاڪٽر مير سجاد ٽالپر، ڊاڪٽر مبينہ پٺاڻ، ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر، ڊاڪٽر ذوالفقار علي مھر بہ خطاب ڪيو، موقعي تي وائيس چانسلر ڊاڪٽر فتح مري ۽ ٻين آئي ٽرپل اي جي ڏھاڙي جي مناسبت سان ڪيڪ ڪٽيو، جڏھن ته شاگردن کي گوگل ٽريننگ جي حوالي سان سرٽيفڪيٽن سان نوازيو ويو، ٻئي طرف ڊاڪٽر محمد يعقوب ڪونڌر، کي آئي ٽرپل اي جي سينئر ميمبر طور مقرري تي شيلڊ ڏني ويئي، جڏھن ته ميمبرن ۾ سووينئر ورھايا ويا.