اسلام آباد: يوم پاڪستان جي موقعي تي مختلف شعبن ۾ ملڪ لاءِ نمايان خدمتون سرانجام ڏيندڙن  کي ايوان صدر ۾ اعليٰ ترين  سول اعزاز سان نوازيو ويو، صدر آصف علي زرداري سعودي ترقياتي فنڊ (ايس ايف ڊي) جي چيف ايگزيڪيٽوَ آفيسر سلطان بن عبدالرحمان المرشد، ايشيئين ڊولپمينٽ بينڪ جي ڪنٽري ڊائريڪٽر يونگ يي، ڊائريڪٽر جنرل قطر فنڊ براءِ ترقي خلفيه جاسم الڪواري، اقوام متحدا جي ترقياتي پروگرام جي اڳوڻي نمائندي  کي به ھلال قائد اعظم جي اعزاز سان نوازيو ويو. صدر پاران سلطان بن عبدالرحمان کي ملڪي خدمتن تي ھلال قائد اعظم ڏنو جڏھن ته پوليس آفيسر اختر حيات خان ۽ سپاھي محمد يونس شھيد کي ستارا شجاعت سان نوازيو ويو.