عالمي طاقتن جي “ميگا پلاننگ”، شام جي صورتحال ۽ بشار الاسد

0
30
عالمي طاقتن جي “ميگا پلاننگ”، شام جي صورتحال ۽ بشار الاسد

 ڇهن محاذن تي هڪ ئي وقت جنگ وڙهندڙ شام ۾ ڪربلا برپا ڪري وچ اوڀر واري جنگ جي نئين لڪير ڪڍي غزه کي مڪمل طور تي اڪيلو ڪري مارڻ جا مڪمل سانباها شروع ڪيا ويا آهن. اسد خاندان جي پنجاهه سالن واري دور جي پڄاڻي ڪئي وئي، اسلامي باغين ملڪ جي راڄڌاڻي دمشق جو ڪنٽرول حاصل ڪري بشار الاسد سرڪار جي خاتمي جو اعلان ڪيو ويو آهي، صدر بشار الاسد گذريل رات ئي فوجي پهري ۾ نامعلوم هنڌ ڏانهن هليو ويو، 13 سالن جي گهرو ويڙهه بعد سندس پورو خاندان ۽ شامي ڪمانڊر عراق هليا ويا، ڪجهه فوجي ذريعن رائٽرز کي ٻڌايو آهي ته صدر بشار الاسد جي فوجي جهاز گذريل رات پرواز ڪئي پر ان جي ڪجهه ئي دير بعد اهو ريڊار تان ئي گم ٿي ويو آهي، هاڻ خبر ناهي ته هُو زنده به آهي يا جهاز ئي تباهه ٿي ويو آهي. شام جي گذريل هفتي جي ڇتي جنگ بعد پوري ملڪ ۾ ڪو به غير ملڪي صحافي موجود ناهي، ان ڪري ملڪ ۾ ڇا ٿي رهيو آهي، ان جي ڪا خبر ئي نه ٿي پئي، گڏيل عرب رياستن جي وزير گوگش عرب نيوز کي ٻڌايو آهي ته، بشار الاسد جي اسان جي ملڪ ۾ هجڻ جي ڪا خبر ناهي، شام هڪ جهنگ آهي، جتي جنگ جاري آهي، ڪير کٽيو ڪير هارائي ٿو، ان جي ڪا خبر ئي ناهي. دمشق جون حالتون ڪنٽرول مان نڪري ويون آهن، باغين جيل کولي قيدي آزاد ڪري ڇڏيا آهن، ايراني سفارتخاني کي تباهه ڪيو ويو آهي، روس ۽ عراق سفارتخانا خالي ڪري ڇڏيا آهن، آمريڪي فوجي پنهنجن علائقن مان نڪري دمشق روانا ٿي ويا آهن، تيل جي سمورن علائقن تي آمريڪي فورسز ڪنٽرول حاصل ڪري ورتو آهي، اسرائيل گولان ۽ ان جي ڀرپاسي وارن علائقن ۾ فوجي انگ ۾ اضافو ڪري گشت وڌائي ڇڏيو آهي.

دمشق ۾ ايراني سفارتخاني جي عمارت ۾ ڌماڪو ڪيو ويو آهي، عمارت کي ڌماڪي سان نقصان پهتو آهي.ڌماڪي کان پوءِ عام ماڻهن سان گڏوگڏ اڳوڻي حڪومت جي فوجين کي به عمارتن جي ويجهو وڃڻ کان روڪيو ويو. ايران موجب، عمارت اڳ ۾ ئي عملي کان خالي ڪرائي وئي هئي. دمشق ۾ ڪرفيو لاڳو ڪيو ويو آهي. اسلام پسند باغين پوري خطي ۾ روس ۽ ايران کي به تمام گهڻو ڌڪ رسايو آهي. حزب الله جنهن ڏهاڪو سالن کان اسد حڪومت لاءِ ويڙهه ڪئي هئي، انهن به شام مان پنهنجي فوج کي واپس گُهرائي ورتو آهي. وزير اعظم محمد غازي الجلالي جو چوڻ آهي ته، صدر سان گذريل رات کان رابطو ڪٽجي ويو آهي، حڪومت عام چونڊن لاءِ تيار آهي، اقتدار جي پرامن منتقلي چاهيون ٿا. ترڪي جي حمايت واري اُترين فورس منيج واري علائقي جو ڪنٽرول پنهنجي هٿن ۾ ڪري ورتو آهي. روس، شام ۾ پنهنجي ٻن فوجي اڏن جي ڪنٽرول لاءِ ڪمانڊ سسٽم کي مضبوط ڪري ڇڏيو آهي. آمريڪا اعلان ڪيو آهي ته، هن پوري ملڪ ۾ پنهنجي مستقل حاضريءَ کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڪم شروع ڪيو آهي.

2011ع ۾ بشار الاسد جي حڪمرانيءَ خلاف بغاوت سان شروع ٿي، القاعده جي حامي گروهن ۽ داعش جي ويڙهاڪن سان ايران ۽ روس ڏهاڪو سالن تائين اسد حڪومت جي مڪمل مدد ڪئي، انهن سان زميني ۽ هوائي جنگ ڪري انهن کي ڪمزور ڪيو، ايران جو القاسم برگيڊ ۽ حزب الله ڪنٽرول حاصل ڪرڻ بعد شام ۾ پنهنجا فوجي اڏا قائم ڪيا، جتي ايراني مدد سان ڊرون ۽ ميزائل تيار ڪرڻ جا ڪارخانا به هلائڻ شروع ڪيا، ايران شام ۾ پنهنجون جڙون پڪيون ڪري اسرائيل ۽ فلسطينين جي ويڙهه لاءِ حڪمتِ عملي تيار ڪئي، انهن پاڻ کي مضبوط ڪيو. ايران جي وڌنڌڙ فوجي طاقت ٻين عرب ملڪن کان هضم نه ٿي، انهن جي حڪمرانيءَ لاءِ ايران سڀ کان وڏو خطرو ٿي اُڀريو، ان سموري صورتحال کان آمريڪا اسرائيل کي غير محفوظ سمجهي انهن عرب ملڪن کي پنهنجي مفادن لاءِ استعمال ڪرڻ لاءِ شام کي ٽارگيٽ ڪرڻ شروع ڪيو.

فوجي ۽ موساد جي صلاحيتن باوجود اسرائيل جي سموري سيڪيورٽي هاڻ به واشنگٽن جي ئي هٿن ۾ آهي، اهوئي سبب آهي جو شام جي نئين صورتحال تي وزير اعظم بن يامن نيتن ياهو جيڪو بشار الاسد جي سرحدي معاملن جي حوالي سان تمام گهڻو حامي آهي، جي فيصلن تي ٽرمپ جي حامين ڪنٽرول ڪرڻ شروع ڪري ڇڏيو آهي، حماس جي حملن بعد نيتن ياهو به لاڳيتو پنجن محاذن تي ان جنگ ۾ مصروف آهي، غزه، لبنان، يمن ۽ ايران جي شيعا ويڙهاڪ گروپن شام کي پنهنجو هيڊ ڪوارٽر بڻائي جهڙي نموني اسرائيل خلاف محاذ کولي ڇڏيا، هاڻ اهي ڪمزور ٿي ويا آهن. اهو ئي سبب آهي جو اسرائيل به چاهي ٿو ته ڪنهن به صورت ۾ ايران ۽ ان جي گروپن کي ڪمزور ڪيو وڃي. جنهن ۾ هاڻ هُو ڪامياب ٿيڻ شروع ٿي ويا آهن. ڊونلڊ ٽرمپ فلسطين واري معاملي ۾ بلڪل واضح آهي، هُو اسرائيل کانسواءِ ڪنهن ٻئي کي برداشت ڪرڻ لاءِ تيار ئي ناهي، اهڙي ريت هُو شام جي گولان جي پهاڙين سميت ڏکڻ اولهه، شامي علائقن تي اسرائيل جو مڪمل ڪنٽرول ۽ شام جي تيل وارن علائقن تي عراق جيان پنهنجو قبضو چاهي ٿو، اهو ئي سبب آهي جو هُو ترڪ ڪرد باغين جي سرعام فوجي ۽ مالي مدد سان گڏ ڪيترن ئي اسلامي گروهن جي مدد ڪري رهيو آهي، جئين بشار الاسد بعد اهي علائقا سندس هٿ وس هجن. عالمي مبصرن جو به چوڻ آهي ته، آمريڪا اسرائيل جي مدد سان وچ اوڀر جي 6 محاذن تي شروع ڪيل ويڙهه ۾ ڪامياب ٿي رهيو آهي. مبصرن جو چوڻ آهي ته، شام جي آمريڪا ۽ اسرائيل سان دُشمني دُرست ثابت ٿي آهي. هاڻ ٽرمپ ايران جي ايٽمي منصوبن ۽ تيل جي ٺڪاڻن کي تباهه ڪرڻ واري منصوبي تي عمل ڪرڻ جي رٿابندي ڪرڻ شروع ڪئي آهي، اهو ئي سبب آهي جو گذريل ڪيترن ئي ڏينهن کان آمريڪي ۽ يورپي ميڊيا ايران جي ايٽم بم ٺاهڻ واري معاملي کي اهڙي انداز ۾ پيش ڪري رهيا آهن، ڄڻ ڪُجهه هفتن ۾ ئي ايران ايٽم بم ٺاهي اسرائيل کي تباهه ڪندو، فوجي ماهرن جو چوڻ آهي ته، آمريڪا جو ايندڙ حدف هاڻ ايران ئي آهي، ان لاءِ هُو سياسي ميدان تيار ڪري رهيا آهن، جيئن ڪارروائيءَ لاءِ ڪو گهڻو وقت نه لڳي، ڇو جو ايران هاڻ مڪمل طور تي اڪيلو ٿي ويو آهي. روس يوڪرين جي جنگ ۾ ڦاٿو پيو آهي، آمريڪا جي شطرنج واري راند ڏاڍي چالاڪيءَ سان تيار ڪئي وئي آهي، جنهن ۾ آمريڪا جي سمورن مخالفن کي ماهراڻي طريقي سان زير ڪرڻ جي حڪمتِ عملي جوڙي وئي آهي، هاڻ آمريڪا جو ايندڙ مهينو وچ اوڀر ۽ يورپ لاءِ انتهائي اهم آهي.

2011ع ۾ صدر اسد حڪومت خلاف شروع ٿيل گهرو ويڙهه اصل ۾ روس ۽ ايران جي حمايت واري شامي حڪومت ۽ آمريڪا جي حمايت وارن مخالف باغي گروهن ۽ آمريڪا جي ڪيترن اتحادين وچ ۾ هڪ مڪمل جنگ آهي، فرانس، برطانيا، اٽلي، سعودي، ترڪي، اردن ۽ گڏيل عرب امارات ٽن طرفن کان ان جنگ کي مسلسل اڳتي وڌائي رهيا آهن، 2013ع تي اسلامڪ اسٽيٽ شام جي علائقن تي قبضا ڪرڻ شروع ڪيا، 2015ع ۾ پوري يورپ ۾ دهشتگرد حملن انهن سمورن اتحادين کي وري منظم ڪيو پر انهن اسلامي گروهن جي ڪنٽرول مان نڪري وڃڻ بعد هُو انهن ملڪن لاءِ خطرو بڻجي ويا، جنهن تي وري انهن پويان پير ڪيا ۽ ايران ۽ روس جي گڏيل ڪارروائيءَ تي هنن ڪُجهه سُک جو ساههَ کنيو، پر جڏهن ايران جي فلسطين واري معاملي تي چِٽي موقف ۽ پوري دُنيا ۾ ان جي حمايت تي وري انهن آمريڪا جو سهارو وٺي شام خلاف هڪ جٽ ٿي بيهي رهيا.

ٽرمپ جو صدارتي قسم کڻڻ کان اڳ وچ اوڀر واري مسئلي کي طاقت سان حل ڪرڻ واري ڌمڪي ۽ “ڳالهه نه مڃي وئي ته پوري خطي کي جهنم بڻائي ڇڏيس”، واري بيان بعد شامي صدر بشار الاسد جي مستقبل جي حوالي سان شروع ٿيل بحث وسيع جاگرافيائي سياسي ڪسوٽي جيان آهي. جنهن ۾ سڀ کان اهم سوال اهو آهي ته، ڇا ان تبديليءَ سان علائقائي استحڪام ايندو يا جن عرب ملڪن کي ان معاملي ۾ گهليو ويو آهي، انهن جو مسقبل ڪهڙو هوندو. هن وقت جيڪو شام سان ٿي رهيو آهي، ڇا اهو مستقبل ۾ انهن ملڪن سان نه ٿيندو، خاص ڪري سعودي عرب، ترڪي، اردن، مصر يا ٻيا عرب ملڪ هجن، جيڪي به هن وقت اسرائيل جا پاڙيسري آهن، ظاهري طور تي هُو هن وقت اسرائيل مخالف آهن پر اندروني طور تي آمريڪي  خوف سبب ان جا مددگار به آهن، ڇا اهي تبديليءَ وارين قوتن جي حمايت جي چونڊ ڪن ٿا. جيئن جيئن شام جي صورتحال تيزيءَ سان تبديل ٿيندي پئي وڃي، تيئن تيئن اها ڳالهه به واضح ٿيندي پئي وڃي ته جيڪي هاڻ اقتدار ۾ اچڻ وارا آهن. اهي به اسرائيل جيان انهن عرب ملڪن لاءِ ڪو سُٺو سنئون ثابت نه ٿيندا. ڇو جو انهن جو ماضي انهن عرب حڪمرانن سان ڀلو ناهي رهيو.

موجوده واقعن جي رفتار عرب حڪمرانن کي حيران ۽ پريشان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سان علائقائي عدم استحڪام جي نئين لهر نون خدشن کي جنم ڏيڻ شروع ڪيو آهي، اهو شام لاءِ به هڪ اهم موڙ آهي، جيڪو سالن جي جنگ سان تباهه ٿي ويو آهي. ان جا شهر مٽيءَ جي ڍيرن ۾ تبديل ٿي ويا آهن. لکين ماڻهو مارجي ويا آهن، لکين ماڻهو پناهگير بڻجي ويا آهن، باغي، جيڪي هن وقت ٿڌي پاليسي اختيار ڪري رهيا آهن، انهن جو ماضي انتهائي ڀيانڪ رهيو آهي، تحرير الشام، جيڪا نئين نظرئي سان سامهون آئي آهي، ان جا باني القاعده وارا ئي آهن، مغربي حڪومتون شام ۾ بشار الاسد جي خاتمي جون ته حامي آهن پر هو انهن جهادي ويڙهاڪ گروپن جي پاليسين تي به پريشان آهن، ان ڪري يورپي ملڪن کي هاڻ فيصلو ڪرڻو پوندو ته هو انهن سان ڪهڙي طريقي سان هلندا. آمريڪا ۽ ترڪي، جن ڪيترن ئي هٿياربند گروهن جي مدد ڪئي آهي، تن جو چوڻ آهي ته، هاڻ انهن تنظيمن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي سخت ضرورت آهي، نصره فونٽ جي سربراهه محمد الگولاني جي بيانن نوان خدشا پيدا ڪري ڇڏيا آهن، جنهن ۾ هاڻ اصل سوال اهو آهي ته، هاڻ انهن ڏهاڪو گروهن کي اهي عرب يورپي ملڪ ڪهڙي نموني ڪنٽرول ڪندا. مصر ۽ عرب امارات، جيڪي آمريڪا جا اهم اتحادي به آهن، اهي به ايڇ ٽي ايس کي پنهنجي لاءِ هڪ خطرو محسوس ڪري رهيا آهن. عرب امارات وارن جو چوڻ آهي ته، “شام هڪ جنگل کان ٻاهر ناهي نڪتو” هاڻ اهو پورو علائقو عرب ملڪن لاءِ ”لائيف لائين” آهي.

اسرائيل، جيڪو اسد جي زوال تي جشن ملهائي رهيو آهي، تنهن هڪ سال جي پنهنجي جاني دشمنن حزب الله ۽ حماس کي تباهه ڪرڻ بعد گڏيل قومن جي نگرانيءَ واري بفر زون ۾ پنهنجي اضافي فوجن کي مقرر ڪيو آهي. ايران، جيڪو اسرائيل خلاف نئين جنگي حڪمتِ عملي جوڙي هئي، جنهن ۾ شام، حزب الله، حماس ۽ عراق جا شيعا باغي گروپ هئا، انهن کي اسرائيل آمريڪي مدد سان هوريان هوريان ڪري تباهه ڪري ڇڏيو آهي. انهيءَ جي هڪڙي آخري ڪڙي اها هئي ته بشار الاسد کي ملڪ ڇڏي ڀڄڻو پئجي ويو. جيڪو جهاز بشار الاسد کي کڻي نڪتو آهي، اهو ماسڪو پهتو يا گڏيل عرب امارتن ۾ پهتو، يا وري تباهه ٿي ويو آهي. ان جي باري ۾ متضاد اطلاع آهن ۽ اها ڳالهه ڪُجهه ڏينهن کانپوءِ واضح ٿيندي، پر جيڪا صورتحال هاڻ جُڙي آهي، ان کي آمريڪا اسرائيل پنهنجي مفاد ۾ استعمال ڪري سگهندا يا نه اهو به هڪ وڏو سوال آهي.