عالمي سياسي تناظر ۾ پاڪستان جي صورتحال

0
153
عالمي سياسي تناظر ۾ پاڪستان جي صورتحال

  علامه اقبال جي هڪ  شعر جو مفهوم ياد اچي ٿو، جنهن ۾ هن چيو هو ته خدا جي عظمت جو  ڪمال اهو آھي جو هن باھ مان هڪڙو شيطان پيدا ڪيو پر شيطان جو ڪمال اھو آھي، جو هن مٽيءَ مان پاڻ جهڙا ٻه لک شيطان پيدا ڪري ڏيکاريا۔ پيارو پاڪستان نائين مئي تي انهن ٻن لکن مان شايد ٻه اڍائي هزار کن جي سرمستين جي ور چڙھي چڪو هو، جن پاڪستان جي رياستي وجود کي ڌوڏي وڌو هو. ملڪ جي سياسي تاريخ ۾  16 ڊسمبر 1971ع کان پوءِ نائين مَئي 2023ع جي واقعن کي ڪاري قيام جي ڏهاڙي طور ياد رکيو ويندو. هونئن به هن ملڪ جي سياسي تاريخ المياتي حد تائين تاريڪ آھي ۽ نائين مئي جي واقعن سان ان تاريخ جي صفحن ۾ هڪ ڪاري باب جو وڌيڪ اضافو ٿيو آھي. مٿان بدقسمتي اها ته ملڪ جي اهڙي المياتي تاريخ ختم ٿيڻ بجاءِ وڃي ٿي وڌيڪ اينگهندي. ٿيڻ ته ايئن گھربو هو جو ڪنهن موڙ تي ڪجھ غلطين کان پوءِ توبھ جا دروازا بند ٿيڻ گھرجن ھا. سياستدانن، ججن، جرنيلن، سرمائيدارن، ڪامورن ۽ جاگيردارن جي سياسي عقيدن، ظاهر باطن اعمالن، ذوق شوق وارين عادتن ۽ خصلتن جو حساب ڪتاب ٿئي ها پر ايئن نه ٿيو ۽ تان جو  ملڪ معاشي ڏيوالپڻي، مذھبي ڇڪتاڻ، سياسي افراتفري، بدامني، نا انصافي ۽ ٻين مسئلن جي ور چڙھي وڏي بحران جو شڪار ٿي چڪو آھي.

حڪومتي ڪار وهنوار ۽ ملڪ جي تعمير ۽ ترقي  جي نالي ۾ پاڪستان اندر ڪيترائي تجربا ٿيا، جيڪي تجربا ڪما حقهُ ته هتان جي سيڪيورٽي اسٽيبلشمينٽ ڪيا. ٿلهي ليکي پنجهتر سالن جي عمر کي پهچڻ تائين ست، اٺ تجربا ته واضح ۽ چٽا نظر اچن ٿا، جيڪي  هئبرڊ نظام نافذ ڪرڻ جا تجربا هئا. “ڌڙ ريڍو، سسي ٻاڪري” واري چوڻيءَ تي ٻڌل انوکا سياسي معاشي ۽ سماجي تجربا. مثال طور قائد اعظم جي 11 آگسٽ واري تقرير کي ڪي  سيڪيولر  نظام رائج ڪرڻ جو اشارو سمجهن ٿا  ته ڪن وٽ ان کي اسلامي فلاحي رياست سان منسوب ڪيو وڃي ٿو. وفاقيت  Federalism  کي مڃيندي به  Statism يعني معاشي مرڪزيت قائم ڪرڻ، سوشلزم جي ڳوٿريءَ کي اسلامي سُئي ڌاڳي سان سبڻ، رومن قانون سان گڏ نظام مصطفى متعارف ڪرائڻ، “جمهوريت هڪ بهترين انتقام” جي نعري ۾ آمرن  ۽ قاتلن سان اقتدار ۾ ڀائيوار ٿيڻ، صوبن جي موجودگيءَ ۾ ضلعي حڪومتن جو قيام آڻڻ ۽ ڌاڳن ڦيڻن جي زور تي مدني رياست قائم ڪرڻ جهڙيون دعوائون ۽ عمل پاڪستان جي هئبرڊ  نظام جي تاريخ جا اهم ۽ دلچسپ باب آھن. هينئر حالت اها آھي جو پاڪستان کي هڪ اسلامي، جمهوري، وفاقي يا آئيني ملڪ سڏڻ جي موافقت يا مخالفت ۾، هڪ ئي وقت بهترين کان بهترين دليل ڏيئي سگهجن ٿا. اسان جو نقاد دانشور ملڪ جي هر شعبي جي اوڻاين کي انگريز جي ڏنل وراثت سان منسوب ڪندو اچي ٿو پر حقيقت اها آھي ته وراثت جي مختلف قسمن مان  پاڪستان  اندر حڪومتي ڪار وهنوار ۾  Hybrid inheritance گاڏڙ ساڏڙ ٻٽو نظام روز اول کان رائج ڪيو ويو هو، جنهن کي ڪڏهن روشن خيال ريڊيڪل ته ڪڏهن اعتدال پسند ته ڪڏهن وري رجعت پرست حڪمرانن جي حوالي پئي ڪيو ويو، جن جي گڏيل تعريف بيان ڪندي روزويلٽ چيو هو ته، “روشن خيال ريڊيڪل اهو آھي، جنهن جا ٻئي پير زمين بدران هوا ۾ هوندا آھن. قدامت پسند اهو سياستدان آھي، جنهن کي ٻه مڪمل صحت مند ڄنگھون ته هجن پر هو اڳتي وڌڻ کان قاصر ھجي ۽ رجعت پسند ته هميشه پسماندگيءَ جو شڪار رهندو آھي”.

2018ع کان پوءِ پاڪستان ۾ جيڪو نظام لاڳو ڪيو ويو، اهو Hybrid inheritance کان وڌيڪ درجي جو هو، جنهن ۾ روشن خيالي، رجعت پرستي ۽ اعتدال پسندي جا سڀ وکر ڪُٽي گڏ ڪري ملايا ويا هئا، جنهن جو ردعمل نائين مئي تي فسطائيت يا فاشزم جي خطرناڪ روپ ۾ ان وقت ظاهر ٿيو، جڏهن رياست جي علامتي سَگَھ وارين جاين ۽ ان سان واڳيل شين کي تاراج ۽ تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.

پاڪستان جي تاريخ ۾ جھاتي پائڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته ورهاڱي کان وٺي هن دور تائين هتان جي عوام کي سندن قومي، لساني، ثقافتي ۽ جمهوري حقن کان محروم رکڻ لاءِ مٿي ذڪر ڪيل مختلف قسم جا هئبرڊ نظام متعارف ڪرايا ويا هئا. ترقي پسند ۽ قوم پرست جماعتن ۽ شخصيتن سان رياستي سطح تي جٺيون ڪيون ويون هيون ۽ کين  قيد ڪشالن جي بند ۽ بدبودار ڪوٺين حوالي ڪيو ويو هو، پر انهن شخصيتن ۽ جماعتن رد عمل ۾ اسٽيبلشمينٽ سان پنهنجا سياسي اختلاف سياست جي ميدان تائين محدود رکڻ کي ترجيح ڏني هئي. فوج جي وقار کي ايئن ڇيهو رسائڻ جي ڪوشش نه ڪئي هئي. ياد رکڻ گھرجي ته اهي سڀ غير پنجابي هئا، شايد تنهنڪري ڀوتو نه پئي ڀانيائون! منهنجي خيال ۾ ايئن ناهي. ٽڪرائڻ جي سگھ هوندي به هو سياست مان نا اميد نه ٿيندا هئا ۽ هر صورت ۾ اقتدار حاصل ڪرڻ سندن ترجيحات ۾ شامل نه هو. سندن ترجيح سياسي انقلاب هو، سونامي نه! هو سياسي معتبر هئا، سياسي لوفر نه. هو پاڪستان ۾ شامل تاريخي قومن جا نمائندا هئا. تاريخ ۾ زنده رهڻ ھنن جي ترجيح ھئي.

اها حقيقت مڃڻ گھرجي ته موجوده دور ۾ ملڪ جا اڪثر سياسي ليڊر ۽ سندن پارٽي ورڪر ادب، تاريخ، فلسفي، معاشي ۽ سماجي علمن جي رڳو سطحي ڄاڻ رکن ٿا يا وري صفا نپٽ اڻڄاڻ ۽ انڌا آھن، ڇو ته ملڪ جي موجوده سياست ۾ رڳو سياسي تقليد هلي رهي آھي. دنيا جي وڏن سياسي مدبرن پنهنجا سياسي پوئلڳ ضرور پيدا ڪيا پر مذھبي رهنمائن وانگر پنهنجا سياسي مقلد ڪونه ٺاهيا، اهو تجربو پاڪستان ۾ ٿي رهيو آھي، جتي سياست کي هڪ cult  يا فرقي جو روپ مليل آھي ۽ جڏهن سياست فرقي جو روپ وٺندي آھي، تڏهن دهشتگردي اڻٽر ٿي پوندي آھي.

اها حقيقت آھي ته ملڪ ۾ متعارف ٿيل هئبرڊ نظامن جا سڀ تجربا هتان جي اسٽيبلشمنٽ جي تجربيگاه ۾ ٿيندا رهيا آھن، جيڪا وري عالمي اسٽيبلشمينٽ جي ساٿاري هجڻ جي وڏي تاريخ رکي ٿي. سرد جنگ دوران عالمي ڪميونسٽ تحريڪ کي چٿڻ ۽ چيڀاٽڻ ۾ سندن ساٿ رهيو آھي. ٻنهي جو مثال ان عاشق ۽ معشوق جهڙو آھي، جيڪي ھڪٻئي جي  ڀاڪرن ۾ سمهي هڪجهڙا خواب ڏسندا آھن. اقبال ڪهڙو به خواب لڌو هجي پر ورهاڱي کان پوءِ پاڪستاني عوام جو خواب هڪ سيڪيولر جمهوري ۽ قومي رياست ٺاهڻ هو پر شايد اهو عالمي اسٽيبلشمينٽ کي منظور نه هو، تنهنڪري اسان به ان کي اڄ تائين نامنظور پيا چئون.

پاڪستان جي موجوده صورتحال ۾ رياستي يا حڪومتي سطح تي جيتوڻيڪ آمريڪا جي پاليسي خاموشي واري آھي پر ڪوپ اندر طوفان برپا ٿي چڪو آھي. آمريڪا جا اڳوڻا سفارتڪار زلمي خليل زاد ۽ جان بولٽن کلم کلا عمران خان واري ٻولي ڳالهائي رهيا آھن، جنهن مان پڪ ٿئي ٿي ته آمريڪا سرڪاري سطح تي پاڪستان حڪومت جي موجوده پاليسين کان ناخوش آھي. پاڪستان آمريڪا جا اختلاف چين جي سيپيڪ واري مامري تان آھن، جيڪو عمران خان جي دور ۾ ذري گهٽ بند ٿي چڪو هو، جنهن کي بند ڪرڻ ۾ جنرل باجوا جو راضپو به شامل هو، پاڪستان جي پرڏيهي پاليسي تي هونئن به گهڻو ڪنٽرول دفاع ۽ گهرو کاتي جو رهندو اچي ٿو. جيتوڻيڪ آمريڪا هڪ پراڻو دوست ملڪ آھي پر اسلام آباد کان واشنگٽن ويندڙ جهاز سعودي شھر رياض مٿان گذرندو آھي.  بائيڊن ۽ MBS جا رابطا بلڪل ڪٽيل هجڻ سبب پاڪستان سعودي لاڳاپن کي وڌيڪ ترجيح ڏئي ٿو. ياد رکڻ گھرجي ته سعودي خاندان وٽ شروع کان  پرڏيهي پاليسي ۾ رياست بدران ذاتي نوعيت جي تعلقاتن کي ترجيح ڏني ويندي آھي. شاهه عبدالله جا آصف زرداري لاءِ، جڏهن هو پاڪستان جو صدر هو، چيل لفظ سفارتي ٻوليءَ جي خلاف هئا پر پاڪستان جي مفادن خاطر اهي برداشت ڪيا ويا هئا. بائيڊن کي به سعودي ۾ انساني حقن جي ڳالھ ڪري ريجن ۾ خواه مخواه هڪ اهم دوست ۽ اتحادي کي رنجائڻ نه کپندو هو، جنهن جو کيس ڪافي نقصان پهتو آھي پر پاڪستان اهڙو نقصان برداشت ڪرڻ جي پوزيشن ۾ ناهي، تنهنڪري آمريڪا جي ڪنهن دٻاءَ ۾ اچڻ بدران پاڪستان سعودين سان گڏ بيھڻ کي ترجيح ڏيندو. عرب ملڪن ۾ ھونئن به وڌيڪ پذيرائي پاڪستاني فوج جي سربراه کي مليل هوندي آھي. آمريڪي سفارتڪارن طرفان جنرل عاصم منير تي لفظي حملا سفارتي اصولن جي خلاف آھن. پاڪستاني فوج آمريڪا جي اتحادي رهي آھي، پنهنجي مضبوط اتحادي کي سياست جي ور چاڙھڻ آمريڪا جو پراڻو شيوو رهيو آھي پر ياد رکڻ گھرجي ته پاڪستاني فوجي ۽ سياسي قيادت سان گڏ عرب ليڊرشپ به مضبوطي سان جنرل پٺيان بيٺل آھي. ايڪس سروس مين جو ننڍڙو جٿو هڪ طاقتور فوجي قيادت جو وار به ونگو نٿو ڪري سگهي.

خطي ۾ وڌندڙ عالمي صف بندي پاڪستان جي سياسي ۽ ملٽري اسٽيبلشمينٽ لاءِ ھڪ امتحان ضرور آھي پر پاڪستاني سياستدان ۽ فوجي جنرل سفارتڪاري جي بهترين گُرن مان واقف آھن. ٻئي طرف دير سوير يا کڻي بائيڊن جي ٽينيوئر کان پوءِ سعودي- آمريڪا لاڳاپن ۾ بهتري ضرور اچڻي آھي، تنهنڪري پاڪستان کي پنهنجي اندروني صورتحال سبب دوست ملڪن سان لاڳاپا خراب نه ڪرڻ گھرجن، البته لفاظي جي والين هڻڻ ۾ ڪا گهٽتائي نه ڪرڻ گھرجي.

[email protected]