دنيا ۾ زرعي پيداوار جي سرشتي تي عالمي ڪارپوريشنن جو غلبو وڌي رهيو آهي. جديد دور ۾ زراعت جو مکيه مقصد کاڌي جي حفاظت کان وڌيڪ منافعي کي اوليت ڏيڻ بڻجي چڪو آهي. عالمي زرعي مارڪيٽن تي محدود تعداد ۾ طاقتور ڪمپنين جو قبضو آهي، جيڪي صرف پيداوار ۽ ورڇ نه پر زرعي پاليسين کي به ڪنٽرول ڪن ٿيون. هن مضمون ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي تاريخي پسمنظر، سماجي ۽ ماحولياتي اثرن، ۽ ممڪن متبادلن تي تفصيلي نظر وجهڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي.
ڪارپوريٽ فارمنگ جو تاريخي پسمنظر
استعمار ۽ زرعي ڪنٽرول: تاريخي طور، استعمار زرعي نظام کي عالمي واپار جي مفادن مطابق ترتيب ڏنو. استعماري طاقتن جي زرعي پاليسين مقامي آبادگارن تي وڏا اثر وڌا، جتي کاڌي جي پيداوار بدران نقدي فصلن جهڙوڪ ڪپهه، ڪمند، ڪافي، ۽ چانهه کي هٿي ڏني وئي. ان سان مقامي خوراڪ جو نظام ڪمزور ٿيو، ۽ ڪيترن ئي ملڪن ۾ خوراڪ جي کوٽ پيدا ٿي.
صنعتي انقلاب ۽ جديد زراعت:
صنعتي انقلاب دوران زرعي مشينري، ڪيميائي ڀاڻ، ۽ مصنوعي جيت مار دوا جي استعمال سان زراعت تيزيءَ سان وڌي، پر انهيءَ عمل ننڍن هارين کي وڏي پئماني تي زرعي منڊيءَ مان ٻاهر ڪيو. ويهين صدي جي شروعات ۾، آمريڪي ڪمپنين، جهڙوڪ ڪارگل ۽ آرچر ڊينيئلز مڊلينڊ (ADM)، زرعي مارڪيٽ تي قبضو ڪرڻ شروع ڪيو.
سائو انقلاب: ترقي يا تباهي؟
1950ع ۽ 1960ع واري ڏهاڪي دوران “سائي انقلاب” جي نالي سان هڪ زرعي تبديلي آندي وئي. هيءُ انقلاب نئين زرعي ٽيڪنالاجيز، جهڙوڪ هائبرڊ ٻج، مصنوعي ڀاڻ، ۽ زرعي زهريلي دوا جو واڌارو هو. انهيءَ عمل کي غذائي کوٽ کي ختم ڪرڻ لاءِ فائديمند سمجهيو ويو، پر حقيقت ۾ هن نئين زرعي سرشتي ننڍن هارين کي گهڻ قومي ڪمپنين جهڙوڪ مونسانٽو (هاڻي بيئر) ۽ سائجنٽا تي وڌيڪ دارومدار لاءِ مجبور ڪيو. هي ڪمپنيون ٻج تي پيٽنٽ يعني مالڪي رکن ٿيون، جن جا قيمتي متبادل ننڍن هارين لاءِ موجود ناهن.
نيون آزاد معاشي پاليسيون ۽ زرعي ڪارپوريٽ غلبو:
1980ع واري ڏهاڪي ۾، عالمي مالياتي ادارن جهڙوڪ عالمي مالياتي فنڊ (IMF) ۽ ورلڊ بئنڪ، ترقي پذير ملڪن تي نئين آزاد معاشي پاليسيون لاڳو ڪيون، جن ۾ زرعي خانگائڻ (Privatization)، سبسڊيز جو خاتمو، ۽ عالمي زرعي واپار کي وڌائڻ جا شرط شامل هئا. نتيجي طور، زرعي زمينون ۽ وسيلن تي وڏين ڪارپوريشنن جو قبضو وڌڻ لڳو.
ڪارپوريٽ فارمنگ جا بنيادي خاصيتون
- وڏين ڪمپنين جو زرعي زمين تي قبضو: گهڻ قومي زرعي ڪمپنين وڏي پيماني تي زمينون خريد يا ليز تي وٺي رهيون آهن، خاص طور آفريڪا، لاطيني آمريڪا، ۽ ايشيا جي زرعي علائقن ۾. هي عمل “Land Grabbing” جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو، جيڪو ننڍن هارين کي سندن حقن کان محروم ڪري ٿو.
- جينياتي طور تبديل ٿيل ٻج (GMOs) ۽ زرعي مداخلت:
جينياتي طور تبديل ٿيل ٻجن جو واڌارو عام هاري کي گهڻ قومي زرعي ڪمپنين جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ٿو، ڇاڪاڻ ته اهي ٻج هر سال نئين سر خريد ڪرڻا پوندا آهن. مونسانٽو ڪمپني جي سخت پاليسين هارين تي وڏا اثر وڌا آهن، جتي هندستان ۾ هزارين هارين جي خودڪشي جو بنيادي ڪارڻ زرعي قرض ۽ پيٽنٽ ٻجن جا وڌندڙ خرچ آهن.
- زرعي سامان جي ورڇ تي ڪنٽرول:
ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ وڏين ڪمپنين جو زرعي سامان، ڀاڻ، زهريلي دوا، ۽ زرعي پيداوار جي مارڪيٽ تي مڪمل قبضو آهي. ڪرسٽوفر لينارڊ جي ڪتاب “The Meat Racket” ۾ ڄاڻايل آهي ته وڏيون زرعي ڪمپنيون ننڍن هارين کي مارڪيٽ مان ٻاهر ڪڍن ٿيون.
- ماحولياتي اثر:
صنعتي زراعت ماحول تي شديد اثر وجهي ٿي. راب والاس جي ڪتاب “Big Farms Make Big Flu” موجب، وڏي پيماني تي زرعي مشينري، جيت مار دوا، ۽ غيرفطري فارمنگ جا طريقا زونوز (zoonotic) بيمارين کي هٿي ڏين ٿا.
ڪارپوريٽ فارمنگ جا مثال ۽ ان جا اثر:
ڪارپوريٽ فارمنگ کي دنيا ۾ ڪيترن ئي سنگين بحرانن سان جوڙيو ويو آهي، جيڪي خوراڪ جي تحفظ، ماحولياتي استحڪام، ۽ انساني حقن تي اثرانداز ٿي آهي. ھتي مختلف ڪتابن جا ڪجهه حوالا ڏيئي چند مشهور مثال پيش ڪجن ٿا.
* مونسانٽو جي GMO تڪرار ۽ قانوني جنگيون
ڪارپوريٽ فارمنگ جي غلطين مان سڀ کان وڌيڪ تڪراري ڪيس مونسانٽو ڪمپنيءَ سان لاڳاپيل آهي، جيڪا هڪ مشهور زرعي بائيوٽيڪنالاجي ۽ ايگروڪيميڪل ڪمپني آهي. مونسانٽو جي جينياتي طور تي تبديل ٿيل ٻج (GMO) ۽ سخت پيٽنٽ پاليسين سبب ڪيترائي مسئلا پيدا ٿيا، جن ۾ هارين جون خودڪشيون، ٻج مارڪيٽ تي قبضي، ۽ قانوني ڪيس شامل آهن. ڪيري گلهم جي The Monsanto Papers ڪتاب ۾ مونسانٽو جي سائنسي تحقيق جي چالبازين ۽ قانوني حڪمت عملين کي وائکو ڪيو ويو آهي، جيڪي ان جي جڙي ٻوٽي مار دوا رائونڊ اپ کي ڪينسر سان جوڙڻ وارن ثبوتن کي لڪائڻ لاءِ اختيار ڪيون ويون. وندنا شيوا پنهنجي ڪتاب Seed Sovereignty, Food Security ۾ ذڪر ڪيو آھي ته مونسانٽو هندستان ۾ ٻج مارڪيٽ تي قبضو ڪيو، جنهن هارين کي قرضي بڻايو ويو ۽ هزارين خودڪشيون ڪيون. مونسانٽو معاملو ٻڌائي ٿو ته ڪارپوريٽ فارمنگ ۾ انساني ۽ ماحولياتي صحت تي منافعي کي اوليت آھي.
برازيل ۾ زرعي ڪاروبار جي واڌ سبب ماحولياتي ۽ سماجي سطح تي، خاص طور زمين تي قبضي ۽ ايميزون جهنگ جي واڍي جي شڪل ۾ تباھ ڪن اثر پيا. انتونيو آگسٽو روسوٽو آئرز جي Agribusiness and the Neoliberal Food System in Brazil ڪتاب ۾ لکي ٿو ته وڏن زرعي ادارن مقامي برادرين کي بي دخل ڪيو ۽ ناقابل واپسي ماحولياتي نقصان پيدا ڪيو. فلپ لمبري جي Farmageddon ۾ ذڪر آهي ته ملٽي نيشنل ڪمپنين طرفان سويابين جي پوکي قدرتي وسيلن کي تباهه ڪري رهي آهي ۽ ڪاربان خارج ٿيڻ کي وڌائي رهي آهي. هن ڪيس مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪارپوريٽ فارمنگ قدرتي وسيلن جي تباهيءَ سان گڏوگڏ ننڍن هارين ۽ مقامي برادرين کي ڪينئن متاثر ڪري ٿي.
اسمٿ فيلڊ فوڊس، جيڪا دنيا جي وڏي ۾ وڏي سور جي گوشت پيدا ڪندڙ ڪمپنين مان هڪ آهي، ان تي جانورن تي ظلم، مزدورن جي استحصال، ۽ ماحولياتي آلودگي جا الزام لڳا. ڪرسٽوفر ليونارڊ جي The Meat Racket ۾ ذڪر ٿيل آهي ته ڪيئن اسمتھ فيلڊ پورڪ مارڪيٽ تي قبضو ڪيو، ننڍن هارين کي ڪاروبار مان ٻاهر ڪيو، ۽ مزدورن لاءِ خراب حالتون پيدا ڪيون. راب واليس جي Big Farms Make Big Flu مطابق، فيڪٽري فارمنگ خطرناڪ وائرسن جي پيداوار لاءِ سازگار ماحول مهيا ڪري ٿي، جيڪي انساني صحت لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا. اسمٿ فيلڊ جو ڪيس مان واضح ٿئي ٿو ته ڪارپوريٽ ڪنٽرول ٿيل گوشت پيداوار نه رڳو اخلاقي مسئلا پيدا ڪري ٿي، پر عوامي صحت لاءِ به خطرو آهي.
ملٽي نيشنل ايگري بزنس ڪمپنين آفريڪا ۾ وڏي پيماني تي زمينون حاصل ڪيون، جيڪي اڪثر مقامي هارين جي نقصان تي مڪمل ٿيون. فرڊ پيرس جي The Land Grabbers ۽ Grain تنظيم جي The Great Land Grab ۾ ذڪر ٿيل آهي ته ڪيئن پرڏيهي ڪمپنيون ۽ حڪومتون آفريڪا ۾ زرعي زمينون حاصل ڪري مقامي ماڻهن کي بي دخل ڪري رهيون آهن. اليڪس خاص نبش جي Lords of the Land ۾ مقامي ماڻهن جي زمينن تي قبضي بابت قانوني جنگين جو جائزو ورتو ويو آهي. هن رجحان، جنهن کي “لينڊ گريبينگ” چئبو آهي، روزگار جي نقصان، زبردستي بي دخلي، ۽ ڪمپنين ۽ مقامي ماڻهن جي وچ ۾ تڪرار کي جنم ڏنو آهي.
پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي حقيقت:
پاڪستان ۾ زراعت معيشت جو اهم ٿنڀو آهي، جتي اڪثريت ننڍن هارين ۽ روايتي زرعي طريقن تي مدار رکي ٿي. ڪارپوريٽ فارمنگ جو وڌندڙ رجحان مقامي هارين جي حالتن کي پيچيده بڻائي رهيو آهي۔ هي رجحان زرعي جديديت جي وسيع پاليسين جو حصو آهي، جن جو مقصد خوراڪ جي پيداوار ۾ اضافو، پرڏيهي سيڙپڪاري کي متوجهه ڪرڻ، ۽ غير آباد زمين جو بهتر استعمال ڄاڻايو وڃي ٿو. سال 2000ع جي شروعات ۾، جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ جي پاليسين کي وڌيڪ تيزي ملي.
پاڪستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ عالمي رجحانن جي عڪاسي ڪري ٿي، جتي زرعي ڪاروبار کي هٿي ڏيڻ جي نالي تي ننڍن هارين جي حقن کي نظرانداز ڪيو ويو آهي. جنيفر ڪلاپ ۽ پيٽر ڊاورگن جي ڪتاب The Corporate Capture of Agriculture مطابق، ڪارپوريٽ فارمنگ ماحولياتي استحڪام بدران منافعي کي اوليت ڏئي ٿي، جنهن سان زمين چند وڏن گروپن جي قبضي ۾ ٿي وڃي ٿي. حڪومت وڏي پيماني تي زرعي زمينون ملٽي نيشنل ڪمپنين ۽ طاقتور گروپن کي ليز تي ڏئي رهي آهي، جيڪا The Great Land Grab ۽ Land Grabbing: Journeys in the New Colonialism جي رجحانن سان مشابهت رکي ٿي. اهي منصوبا عام طور تي پرڏيهي سيڙپڪاري ۽ زرعي پيداوار وڌائڻ جي نالي تي جائز قرار ڏنا وڃن ٿا، پر حقيقت ۾ اهي ماحولياتي تباهي، بايو ڊائيورسٽيءَ جي خاتمي، ۽ مقامي برادرين جي بيدخلي جو سبب بڻجن ٿا. وندنا شيوا جي Who Really Feeds the World? مطابق، ننڍا هاري ۽ ماحول دوست زراعت خوراڪ جي تحفظ لاءِ صنعتي زراعت کان گهڻو وڌيڪ اثرائتا آهن.
پاڪستان ۾، خاص طور تي سنڌ ۽ پنجاب ۾، ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف سخت احتجاج جاري آهن. احتجاج ڪندڙ مطالبو ڪن ٿا ته سنڌ جي زرعي زمين مقامي هارين کي ڏني وڃي، نه ڪي ڪارپوريٽ ڪمپنين کي. ڇوته ڪارپوريٽ فارمنگ سان ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت وڌندي ۽ پاڻي جي وسيلن تائين رسائي محدود ٿيندي. خاص طور تي، ڇهن نون واهن جي تعمير تي سخت تنقيد ۽ احتجاج ڪئي پئي وڃي، جيڪي ڪمپنين کي پاڻي فراهم ڪرڻ لاءِ ٺاهيا پيا وڃن، پر خدشو آهي ته اھي مقامي هارين جي آبپاشيءَ کي متاثر ڪندا. علاوه ازين، ڪاڇو ۾ 67,651 ايڪڙ زمين غير ملڪي سيڙپڪارن کي ڏيڻ جي فيصلي خلاف به سخت احتجاج ڪيو ويو، ڇو ته ان سان مقامي هارين جو معاشي مستقبل خطري ۾ پئجي ويندو. گورک هل ۾ 10,000 ايڪڙ زمين هڪ نجي ڪمپنيءَ حوالي ڪرڻ واري فيصلي جي به سخت مخالفت ٿي رھي آھي. اھڙيءَ طرح ٿر واري علائقي ۾ به زمينون ليز تي ڏيڻ جا سانباها ڪيا ويا آهن. جن خلاف سنڌ ۾ عوامي احتجاج ھلندڙ آھن. اهي احتجاج Raj Patel جي Stuffed and Starved ۽ Tony Weiss جي The Global Food Economy ۾ بيان ڪيل عالمي رجحانن سان مشابهت رکن ٿا، جتي ڪارپوريٽ فارمنگ ننڍن هارين کي بي دخل ڪري، قدرتي وسيلن کي ختم ڪري، ۽ خوراڪ جي تحفظ کي خطري ۾ وجهي ٿي.
متبادل پاليسيون ۽ مستقبل جا امڪان
- زرعي خودمختياري (Agroecology) ۽ مقامي زراعت
وندا شيوا پنهنجي ڪتاب “Who Really Feeds the World?” ۾ بيان ڪري ٿي ته قدرتي ۽ روايتي زراعت ئي عالمي خوراڪ جي تحفظ لاءِ ضروري آهي. Agroecology هڪ اهڙو نظام آهي، جيڪو ماحولياتي استحڪام، ننڍن هارين جي تحفظ، ۽ خوراڪ جي حقن کي اهميت ڏئي ٿو.
- هارين جي زرعي زمينن جي حفاظت: زرعي زمين جي خانگائڻ بدران ننڍن هارين کي قانوني تحفظ ڏيڻ ضروري آهي. “The Great Land Grab” رپورٽ موجب، زرعي زمينن کي مقامي هارين لاءِ مخصوص رکڻ سان خوراڪ جي تحفظ ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي.
- زرعي مارڪيٽن ۾ مقابلي جو فروغ:
گهڻ قومي ڪمپنين جي اجاره داري کي روڪڻ لاءِ حڪومتن کي پاليسيون ٺاهڻ گهرجن، جيئن ننڍا هاري زرعي مارڪيٽن ۾ مقابلو ڪري سگهن.
- غيرمنافع بخش زرعي ڪمپنين ۽ Cooperatives
زرعي تعاون قائم ڪرڻ سان ننڍن هارين کي طاقتور ڪارپوريشنن جي مقابلي لاءِ مدد ملي سگهي ٿي.
ڪارپوريٽ فارمنگ عالمي زرعي نظام تي قبضي جي علامت بڻجي چڪي آهي، جنهن سان نه رڳو ننڍن هارين کي نقصان پهتو آهي، پر ماحوليات، خوراڪ جي سلامتي، ۽ صحت تي به منفي اثر پيا آهن. هن صورتحال مان نڪرڻ لاءِ زرعي پاليسين ۾ بنيادي تبديلي جي ضرورت آهي. اگر مقامي هارين کي تحفظ فراهم نه ڪيو ويو، ته مستقبل ۾ خوراڪ جي تحفظ جو بحران شدت اختيار ڪري سگهي ٿو.