ڪراچي(اسپورٽس نيوز) ڪراچي جي علائقي سي ويو ڀرسان روڊ تي سائيڪل هلائيندڙ ناري اسما جان جي ٽريننگ جاري آهي. اسما جان کي ايندڙ مهيني بيلجيم ۾ رٿيل عالمي روڊ سائيڪلنگ چيمپئن شپ لاءِ پاڪستان جي چار رڪني ٽيم ۾ چونڊيو ويو آهي، ان ٽيم ۾ ٻين رانديگرن ۾ ڪنزه ملڪ، خليل امجد ۽ علي الياس شامل آهن، ڪنزه ملڪ لاهور ۾ ٽريننگ ڪري رهي آهي، جڏهن ته ٻين ٽن ايٿليٽس ميگا ايونٽ لاءِ پاڻ کي ڪراچي ۾ تيار ڪري رهيا آهن.اسما جان جو چوڻ آهي ته وڏي عرصي  کان سائڪيلسٽ چيمپئن شپ جو خواب اکين ۾ سانڍي رکيو اٿم، اميد ته هاڻ اهو ساڀيان ٿيندو، ان لاءِڀرپور تياري ۽ محنت به جاري آهي.