عالمي بينڪ 40 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار:معاشي ترقي لاءِ اڃا ڊگهو سفر ڪرڻو آهي: شهباز

0
30
عالمي بينڪ 40 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار:معاشي ترقي لاءِ اڃا ڊگهو سفر ڪرڻو آهي: شهباز
عالمي بينڪ 40 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري لاءِ تيار:معاشي ترقي لاءِ اڃا ڊگهو سفر ڪرڻو آهي: شهباز

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ورلڊ بينڪ جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز جي وفد سان ملاقات ڪئي. وزيراعظم وفد کي پاڪستان اچڻ تي ڀليڪار ڪندي چيو ته ورلڊ بينڪ ۽ پاڪستان جي وچ ۾ ڀائيواري گذريل ستن ڏهاڪن تي مشتمل آهي. ورلڊ بينڪ جي سهڪار سان پاڪستان ۾ ملڪي تعمير ۽ ترقي جي حوالي سان ڪيترائي وڏا منصوبا تعمير ٿيا. جن پاڪستان جي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. پاڪستان ورلڊ بينڪ سان پارٽنرشپ مان فائدو حاصل ڪيو. ورلڊ بئنڪ 2022ع جي ٻوڏ دوران پاڪستان ۾ متاثر ماڻهن جي ڀرپور مدد ڪئي. وزير اعظم شهباز شريف چيو ته ورلڊ بينڪ جي تازي ملڪي پارٽنرشپ فريم ورڪ تحت پاڪستان ۾ 40 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيندي، جيڪا خوش آئند آهي. 20 ارب ڊالرن سان پاڪستان ۾ صحت، تعليم، نوجوانن جي ترقي ۽ ٻين سماجي شعبن ۾ مختلف منصوبن ذريعي ترقي جو هڪ نئون باب کُليندو.آءِ ايف سي تحت پاڪستان جي خانگي شعبي ۾ 20 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري سان ملڪي معيشت جو ڦيٿو تيزيءَ سان ڦرندو. هن چيو ته حڪومت جي پاليسين تي عالمي بئنڪ جي اعتماد تي شڪر گذار آهيان. پاڪستان ۾ ادارتي ۽ معاشي سڌارن جو پروگرام تيزي سان هلي رهيو آهي. ملڪ جي معيشت صحيح رخ ۽ ترقي طرف گامزن آهي. ملڪي معيشت جي پائيدار ترقيءَ لاءِ اڃا ڊگهو رستو طئي ڪرڻو آهي. هن چيو ته ملڪي برآمدات، ترسيلات ۾ اضافو ٿي رهيو آهي. گهٽ شرح سود سبب پيداواري شعبي ۾ سيڙپڪاري وڌي رهي آهي. ڪرپشن تي ضابطو آڻڻ لاءِ نظام ۾ شفافيت آڻي رهيا آهيون. ايف بي آر سڌارن ۾ ڊجيٽلائيزيشن تي ڪم ترجيحي بنيادن تي جاري آهي. وزير اعظم چيو ته بجلي جي شعبي ۾ سڌارا آڻڻ سان بجلي جي بنا بندش جي فراهمي ۽ خسارو گهٽجي رهيو آهي. ايس آءِ ايف سي، جي بدولت ملڪ ۾ سيڙپڪاري لاءِ هڪ پرڪشش ماحول فراهم ڪيو ويو آهي، جيڪو سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي شموليت جي هڪ منفرد نظام تحت ڪم ڪري ٿو. هن چيو ته قرضن بجاءِ سيڙپڪاري ۽ شراڪت کي ترجيح ڏني وڃي ٿي، وفد ۾ شرڪت ڪندڙ پاڪستان جي جاري سڌارن واري پروگرام تي عملدرآمد کي ساراهيندي چيو ته پاڪستان ۾ حڪومت جي جاري سڌارن واري پروگرام جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، جيڪا هڪ خوش آئند پيش رفت آهي. وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان جي معاشي سڌارن جو سفر تيزي سان جاري آهي. وفد توانائي، صنعت ۽ برآمدات، نجڪاري، روينيو ۽ ٻين شعبن ۾ حڪومت جي سڌارن جي قدمن کي ساراهيو. ورلڊ بينڪ جا (9) ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽرز پاڪستان جي دوري تي آيل آهن، ۽ اهي ورلڊ بينڪ ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي پورٽ فوليو جا نگران آهن. وفد پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي منصوبن ۽ سيڙپڪاري تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندو. اجلاس ۾ وفاقي وزيرن احسن اقبال، احد چيمه، سردار اويس خان لغاري، ڊاڪٽر مصديق ملڪ، مملڪتي وزير علي پرويز ملڪ، شزه فاطمه خواجه، وزير اعظم جي ڪوآرڊينيٽر رومينه خورشيد عالم، سينيٽر شيري رحمان، قومي اسيمبلي جي ميمبر نفيسه شاهه، وزير اعظم جي نمائندي براءِ پوليو پروگرام عائشه رضا فاروق ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي.