اسلام آباد(م ڊ)عالمي بينڪ پاڪستان کي ٻن منصوبن لاءِ 14 ڪروڙ 97 لک ڊالرز جي فنانسنگ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. خانگي ٽي وي چينل موجب عالمي بينڪ پاڪستان کي 7 ڪروڙ 80 لک ڊالر ڊجيٽل اڪانامي انهانسمينٽ پراجيڪٽ لاءِ مهيا ڪندو. منصوبي تحت شهرين ۽ فرمن لاءِ ڊجيٽل طور تي فعال عوامي خدمتن جي فراهمي کي توسيع۾ مدد ڏيڻ جا منصوبا شامل آهن.  اهڙي طرح ٻي فنانسنگ عالمي بينڪ 7 ڪروڙ 17 لک ڊالرن جي ٿيندي، جنهن تحت سنڌ جي بيراجن جي امپروومينٽ پراجيڪٽ لاءِ رقم مهيا ڪئي ويندي. منصوبي تحت ٻوڏ کان بچڻ ۽ سنڌ جي ٽن بيراجن جي حفاظت ۽ انتظام ۾ بهتري ۾ مدد ملندي.