1948ع وارو گڏيل قومن جو انساني حقن وارو عالمي پڌرنامو اسلام جي بيان ڪيل اصولن جي عڪاسي ڪري ٿو، صدر آصف علي زرداري چيو ته اسان انساني حقن جي تحفظ وارو عزم کڻي انساني حقن جو عالمي ڏينهن ملهائي رهيا آهيون، اڄوڪي ڏينهن تي والاريل ڪشمير جي ڀينرن ۽ ڀائرن کي به نه وسارڻ گهرجي. ڪشمير ۾ عوام کي بدترين رياستي تشدد جو نشانو بڻايو ويو، ڪشميرين کي سماجي، سياسي ۽ معاشي حقن کان محروم ڪيو ويو آهي، پاڪستان جو آئين سمورن شهرين کي بنيادي حقن جي ضمانت ڏئي ٿو، اسان ماڻهن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ پرعزم آهيون. جهموريت، امن، آزادي ۽ انساني حقن جو هڪٻئي سان ويجهو لاڳاپو آهي: انساني حقن جي عالمي ڏينهن تي صدر جو پيغام.